ججن جي مراعتن لاءِ عوام تي وڌيڪ 2 ارب رپين جو بار

اسلام آباد (فخر دراني) عدليه لاءِ هائوس رينٽ ۽ جڊيشل الائونس جو اعلان ڪيو ويو. هائوس رينٽ 68 هزار مان وڌائي 3 لک 90  هزار ڪيو ويو ۽ جڊيشل اڪائونس 3 لک مان وڌائي 10 لک 90 هزار رپيا ڪيو ويو. چئوڻ تي جڊيشل الائونس ۾ واڌ سان خزاني تي 2 ارب رپين کان وڌيڪ جو بار پيو آهي. اهي 2 ارب 10 ڪروڙ رپيا پگهارن کانسواءِ آهن جن جو بار ساليانو پوندو. ماهوار 17 ڪروڙ 52 لک رپيا بار پوندو. ڪل ججن جو انگ 116 آهي ۽ کوڙ جايون خالي به آهن جڏهن اهي خالي جايون ڀرجي وينديون ته ججن جي الائونس جا خرچ ٻيڻا هوندا. ججن کي خوش ڪرڻ لاءِ عوام تي بار وڌايو پيو وڃي ٻئي پاسي التوا هيٺ ڪيسن جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي جڏهن ته ججن جون مراعتون گهٽجڻ بدران وڌي رهيون آهن. پگهارون ۽ مراعتون وڌڻ جو سلسلو ڊڪٽيٽرن جي دور ۾ شروع ٿيو هو ڇو ته کين عدليه جي ضرورت پوندي آهي. حڪومت کي اهو سوچڻ گهرجي ته عام عوام جي ٽيڪس جو پيسو آهي، اهڙا فيصلا ڊڪٽيٽرن جي دور ۾ ٿيندا آهن جمهوري حڪومت ۾ ناهن ٿيندا.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 11 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.