نئين ديري ڀرسان پراڻي تڪرار تان ڌرين ۾ فائرنگ، 2 ڄڻا قتل

نئون ديرو(رپورٽ: محمد علي جروار)نئون ديرو ڀرسان ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد ۾ هلندڙ جيها ڏاهاڻي تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر تيز ٿي ويو. ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن جا منهن کولي گولين جو مينهن وسايو ته علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. جڏهن ته صبح سوير شروع ٿيل جهيڙي ۾ ڏاهاڻي ڌر جا ٻه ڄڻا جهنڊو ڏاهاڻي ۽ عبدالرحيم عرف محمد پناه ڏاهاڻي گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي مارجي ويا. واقعي جي اطلاع ملڻ بعد ڊي ايس پي نئون ديرو  نثار بروهي جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالا واقعي واري هنڌ پهچي ويا. جهيڙي سبب ٻنهي ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو جنهن سبب پوليس ٽن ڪلاڪن تائين مڪمل طور بيوس بيٺل نظر آئي. اسپتال ۾ موجود مارجي ويلن جي وارث عورتن سسئي، باشل، عبدالجابر ۽ ٻين چيو ته اسان جو جيها – ڏاهاڻي تڪرار سان ڪو به واسطو نه آهي جيها ڌر جا ماڻهو ڏاڍ ڪري اسان سان وڙهي ويا آهن. اسان جي ٻن ماڻهن کي رستي تان پڪڙي بدترين تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد بيگناهه ٻن ڄڻن جهنڊو ۽ عبدالرحيم عرف محمد پناهه کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن. قاتلن خلاف هڪدم ڪاروائي ڪري انهن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي ناصر آفتاب پٺاڻ نوٽيس وٺندي علائقي ۾ وڌيڪ پوليس نفري  مقرر ڪرڻ جون هدايتون ڏئي ڇڏيون. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي نئون ديرو نثار بروهي ٻڌايو ته جهيڙيندڙ ڌريون جهيڙي کي قومي جهيڙي جو رنگ ڏيڻ لاءِ اهڙن ماڻهن کي قتل ڪيو جنهن جو جهيڙي سان ڪو واسطو ئي نه هو. اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته جوابدارن خلاف ڪاروايون تيز ڪري انهن کي گرفتار ڪريون ۽ ڪنهن کي به علائقي ۾ امن امان خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.