اي اين پي جو اڳوڻو اڳواڻ زاهد خان ساٿين سميت ن ليگ ۾ شامل

لوئردير (م ڊ ) عوامي نيشنل پارٽي(اي اين پي) جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ زاهد خان ن ليگ ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي.شموليتي تقريب ۾ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير امير مقام زاهد خان کي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار چيو. انهي موقعي تي زاهد خان چيو ته نوازشريف ۽ شهباز شريف جي دعوت تي(ن) ليگ ۾ شامل ٿيو آهيان.ان موقعي تي هن چيو ته وفاقي وزير امير مقام پاڪستان تحريڪ انصاف کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته آمريڪا  خلاف ” ايبسلوٽلي ناٽ“ جو ڪوڙو داستان ٺاهڻ وارن پنهنجي جلسن ۾ آمريڪا جا جهنڊا لهرايا. وفاقي وزير چيو ته اسان جو پريس ڪانفرنس جو پروگرام هو پر زاهد خان جي محبت ۾ اهو عوامي جلسو بڻجي ويو، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، جنهن لاءِ سڀني جو شڪريو ادا ڪريان ٿو.هن چيو ته هر ليڊر چاهي ٿو ته هن سان سچ ڳالهائيندڙ ۽ ثابت قدمي سان بيهڻ وارا گڏ هجن. هن چيو ته زاهد خان قومي سطح جو ليڊر آهي، هو سچ ۽ دليل سان ڳالهائڻ جي شهرت رکي ٿو، هو هڪ تمام جرئتمند ۽ سينيئر سياستدان آهي، اسان سڀ خطي ۾ نواز شريف ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ متحد آهيون ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ اڳتي وڌنداسين. انجنيئر امير مقام چيو ته عوام کي سوچڻ گهرجي ته ڪهڙي قيادت ۽ پارٽي ۾ ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ جي صلاحيت آهي ۽ جيڪڏهن هو سوچين ته کين هڪ ئي پارٽي نظر ايندي جنهن جي قيادت نواز شريف ۽ شهباز شريف جي پارٽي ن ليگ آهي جيڪا ملڪ کي هر بحران مان ڪڍي سگهي ٿو. هن چيو ته ماڻهن ڪيترائي ايجنڊا مقرر ڪيا آهن، هو ملڪ ۾ سياسي استحڪام چاهين ٿا، مان پنهنجي قيادت، وزيراعظم شهباز شريف ۽ اتحادين جو ٿورائتو آهيان جن ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي معيشت کي سنڀاليو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.