گهاري لڳ شديد ڌُنڌ سبب 6 گاڏين ۾ ٽڪر، 5 ڄڻا فوت، 11 زخمي\ريسڪيو ٽيمون گم

ٺٽو(ڊر) شديد ڌُنڌ سبب ٺٽو ڪراچي قومي شاهراھ تي گهارو لڳ واٽر پارڪ وٽ خوفناڪ حادثو، ڪُڪڙيون کڻندڙ ٻن مزدائن سميت 6 گاڏين ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪراچي واسي ٽن پورهيتن سميت 5 ڄڻا فوت، 11 ڄڻا زخمي، زخمي ڪافي دير تائين روڊ تي تڙپندا رهيا، ريسڪيو ٽيمون توڙي انتظاميه غائب، مقامي ماڻھن زخمين کي پنھنجي گاڏين ۾ کڻي اسپتالن پھچايو ويو، فوتين ۾ ڪڪڙين جي گاڏين تي مزدوري ڪندڙ ڪراچي واسي پورهيت معين، گل زمان، شعيب، رحمان ۽ نديم شامل آھن، جڏھن ته 11 زخمين مان چئن ڄڻن ڪريم، فيصل،  عاصم ۽ شاھه بيگ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، سمورن زخمين کي ڪراچي نيو ويو آھي، ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهھ گھارو لڳ قومي شاھراهھ تي ٿيل خوفناڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان تعزيت ڪندي توڙي زخمين جي وارثن سان ھمدردي ڪندي زخمين جي صحتيابي لاءِ دعائون گھرندي چيو آھي ته انساني جانيون قيمتي آھن، ماڻھن کي احتياط سان ڪم ڪرڻ گھرجي، وزير اعلي سنڌ زخمين کي فورن بھتر علاج ڪرائڻ جون انتظاميا کي ھدايتون جاري ڪري ڪندي چيو آھي ته کيس ٿيل ھن حادثي تي ڏک پھتو آھي، ھن چيو ته ھو فوتين ۽ زخمين جي وارثن سان ھن ڏکئي وقت ۾ گڏ آھيون، سندن ھر ممڪن مدد ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.