ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي مرڪزي بيان ۾ ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن ڌماڪي ۾ 26 بيگناهه جانين جي ضايع ٿيڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته بلوچستان جون موجوده خراب حالتون وقت جي حڪومت ۽ ماضي جي حڪمرانن جي غلط پاليسين جو نتيجو آهن. بلوچستان جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي، حڪومت جي غيرقانوني پاليسين بلوچستان جي صورتحال کي ان پوائنٽ آف نو ريٽرن تي پهچايو آهي. گذريل 9 مهينن کان فارم 47 جي حڪومت ۾ به ڪنهن جي جان ۽ مال محفوظ ناهي، چاهي اهي آمر هجن يا سول ڊڪٽيٽر، انهن جون پاليسيون بلوچ ۽ بلوچستان جي عوام لاءِ اڻوڻندڙ آهن. جيڪڏهن بلوچن ۽ محڪوم قومن سان استحصال تي ٻڌل فيصلا نه ڪيا وڃن ها ته حالتون ان حد تائين نه پهچن ها.