ڪوئيٽا(م ڊ) وفاقي گهرو وزير سينيٽر محسن نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ دهشتگردن کي پوري طاقت سان چيڀاٽڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ ٿيل اهم اجلاس جو پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب، اجلاس ۾ شهيدن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي وئي. اجلاس ۾ گذريل ڏينهن ڪوئيٽا جي ريلوي اسٽيشن تي ٿيل آپگهاتي حملي کانپوءِ سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پڌرائي موجب، اجلاس ۾ ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي ٿيل حملي جي شروعاتي رپورٽ پيش ڪئي وئي، اجلاس دوران دهشتگردن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ اِهو به فيصلو ڪيو ويو ته دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائڻ لاءِ انيٽليجنس بيسڊ آپريشن جو دائرو وڌايو ويندو. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ بلوچستان حڪومت سان هر ممڪن سهڪار ڪنداسين، بلوچستان حڪومت کي ترجيحي بنيادن تي ضروري وسيلن جي فراهمي جو اعلان ڪيان ٿو.محسن نقوي چيو ته بلوچستان پوليس، سي ٽي ڊي ۽ ٻين فورسز جي تربيت ۽ انگ وڌائڻ ۾ سهڪار ڪنداسين، شهيدن جي وارثن سان گڏ آهيون، شهيدن جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي سهڪار سان پوليس ۽ ليويز فورس جي پيشه ورانه صلاحيت وڌائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته دهشت گردن کي ختم ڪري ئي ساهه کڻنداسين. هوڏانهن بلوچستان حڪومت ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.