جيڪب آباد(رپورٽ: سڪندر علي سرڪي ) اينٽي ڪرپشن پوليس خزانه آفيس ۾ سوا ارب روپين جي ڪرپشن واري ڪيس جو چالان اسپيشل اينٽي ڪرپشن ڪورٽ لاڙڪاڻي ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي پيش ڪيل چالان ۾ 17 ملازمن ۽ 64 فرضي پينشنرز کي روپوش قرار ڏنو ويو آهي مليل ڄاڻ موجب اينٽي ڪرپشن پوليس پاران عدالت ۾ جمع ڪرايل چالان ۾ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر محمد علي منگي اڳوڻي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر عبدالرسول گهليجو، اڳوڻو ايڊيشنل اڪائونٽ آفيسر محمد عثمان آرائين، اڳوڻو ايڊيشنل اڪائونٽ آفيسر عبدالمجيد ڀٽي سميت روينيو ڪلارڪ محمد بچل ڪورائي، تعليم کاتي ڪنڌڪوٽ جي ڪلارڪ وحيد نوناري، جونيئر ڪلارڪ مسلم بمبل، اسفند ڪورائي، آفتاب ڪورائي، عبدالله لاشاري، سليم ڪورائي، عباس ڪورائي، عبدالنبي ملڪ، محمد اسماعيل سومرو، فرضي پينشنرز مسمات وزيران، مسمات زينب، عمران خان، صاحب خاتون، عبدالنبي ملڪ سميت 81 جوابدارن کي روپوش قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته روپوش عدالت ۾ فرضي پينشنرز ۽ ملازمن جا نالا روپوش قرار ڏيڻ کان پوءِ اينٽي ڪرپشن پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن.
-
عمرڪوٽ ويجهو قتل ڪيل پورهيت جو ڪيس 4 ڄڻن مٿان داخل
عمرڪوٽ(ڊ ر) عمرڪوٽ ڀرسان 4 ڏينهن اڳ قتل ٿيل غضنفر عرف مور کوسو جي پت اسدالله کوسو جي فرياد تي 4 ڄڻن خلاف قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ڪيس مقتول جي پٽ اسد الله کوسو جي فرياد تي جمعون راھمون سندس پٽ لياقت راھمون، دل قرار مري ۽ ھڪ نامعلوم کي نامزد ڪري قتل جي قلم ھيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ موقف اختيار ڪيو آھي ته جمعون راھمون کان ڪار جي سودي جا بقايا رھيل 22 لک 50 ھزار وٺڻ وياسين ته واقعو ٿيو جمعون راھمون ۽ سندس پٽ لياقت راھمون والد غضنفر مور کوسو ۽ مونکي توڙي گڏ آيلن کي پنھنجي رتنور روڊ ڪيٽل ڪالوني واري گھر جي اوطاق تي اندران ڪنڊو ڏئي يرغمال بڻايو، جوابدارن والد کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو.جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.