ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ ۾ ٽيڪس وصولي واري نظام جي خطرناڪ ڪارڪردگي سامهون اچي وئي آهي، هلندڙ مالي سال دوران صوبي جي ٽن اهم ادارن 33 سيڪڙو گهٽ ٽيڪس وصول ڪيو آهي، ٽيڪس گڏ ڪرڻ بورڊ آف روينيو، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ سنڌ روينيو بورڊ جي ذميواري آهي ، ٽنهي ادارن کي چئن مهينن ۾ هڪ کرب 53 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو هدف هو، ٽنهي ادارن هڪ کرب ۽ هڪ ارب رپيا وصول ڪيا آهن. ٽنهي ادارن کي 51 ارب 82 ڪروڙ رپيا گهٽ مليا. بورڊ آف روينيو کي 15 ارب 17 ڪروڙ رپين جو هدف مليو جنهن جي مقابلي ۾ 5 ارب 72 ڪروڙ رپيا وصول ڪيا ويا.بورڊ آف روينيو 9 ارب 45 ڪروڙ رپيا وصول ڪيا، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن 50 ارب 96 ڪروڙ رپين جو هدف مليو پر ان عيوض 40 ارب 7 ڪروڙ رپيا وصول ڪيا ويا. ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن مان 10 ارب 88 ڪروڙ رپيا گهٽ وصول ٿيا، سنڌ روينيو بورڊ کي 87 ارب 50 ڪروڙ رپين جو هدف مليو، جنهن جي مقابلي ۾ 56 ارب رپيا وصول ڪيا ويا.سنڌ روينيو بورڊ کي 31 ارب 49 ڪروڙ رپيا گهٽ مليا، بورڊ آف روينيو 62 سيڪڙو، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن 21 سيڪڙو ۽ سنڌ روينيو بورڊ 36 سيڪڙو گهٽ ٽيڪس جمع ڪيو.