سنڌ حڪومت پاران مسافرن کي انشورنس فراهم ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ حڪومت مسافرن کي سهولتون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، بسن ۾ سفر ڪندڙ مسافرن کي انشورنس فراهم ڪرڻ جي حڪومتي فيصلي تي غور ويچار ڪيو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته انشورنس  هڪ شهر کان ٻئي شهر ويندڙ بسن جي ڪئي ويندي، ذريعن موجب ڪنهن به قسم جي حادثي جي صورت ۾ انشورنس ڪمپني معاوضو ادا ڪندي ، پريميئم جي رقم ٽرانسپورٽرن طرفان انشورنس ڪمپني کي ادا ڪئي ويندي، ٽرانسپورٽ کاتي جي 6 انشورنس ڪمپنين کان بڊز جي درخواست ڪئي آهي، سڀني ٽرانسپورٽرن لاءِ انشورنس ڪرائڻ تمام ضروري هوندي، جلد ئي ٽرانسپورٽ انشورنس ڪمپنيون گڏجي مڪمل حڪمت عملي جو فيصلو ڪنديون .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.