سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آھي: ڪاشف سعيد

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ڪراچي کان ڪشمور سنڌ ۾ امن امان جي خراب صورتحال کي پ پ حڪومت جي ناڪامي قرار ڏيندي چيو آهي ته ڏوھارين جي سرپرستن ظالم سردارن پوليس جي ڪارين رڍن ۽ ڌاڙيلن جي ڳٺ جوڙ جي خاتمي کان سواءِ سنڌ ۾ امن قائم نٿو ٿي سگھي. حڪومت جو واپارين کي تحفظ ڏيڻ بدران وڌيڪ ٽيڪس مڙھڻ جون ڳالھيون عوام جو جيئڻ جنجال ڪرڻ برابر آھي.اھڙن خيالن جو اظهار ھن لاڙڪاڻي ۾ مختلف سياسي سماجي اڳوڻن، چيمبر ۽ ٽريڊ يونين طرفان ڏنل آجياڻي کي خطاب دوران ڪيو.

  1. پناهگيرن کي آمريڪا اچڻ کان روڪڻ واري بيان تي قائم آهيان: ٽرمپ

واشنگٽن (م ڊ) صدارتي اليڪشن کٽڻ کانپوءِ به ڊونلڊ ٽرمپ پناهگيرن جي آمد کي روڪڻ ۽ کين آمريڪا مان ڪڍڻ جي پنهنجي بيان تي قائم رهڻ جو عزم ظاهر ڪري ڇڏيو. آمريڪي ميڊيا کي پهريون انٽرويو ڏيندي هن چيو ته هو آمريڪا جي سرحدن  کي محفوظ بڻائڻ ۽ مهاجرن کي ملڪ بدر ڪرڻ واري بيان تي قائم آهي. خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن ماڻهو قتل ٿي رهيا آهن ۽ منشيات جا گروهه ملڪ کي تباهه ڪري رهيا آهن، ماڻهن کي واپس وڃڻو پوندو ۽ ٻيو ڪو رستو ناهي. هو آمريڪا اچڻ وارن ماڻهن جي خلاف نه آهي پر هو چاهي ٿو ته ماڻهو آمريڪا اچن. هڪ رپورٽ موجب آمريڪا ۾ مهاجرن جو انگ لکن ۾ آهي ۽ آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته حڪومت کي ايتري وڏي انگ ۾ ماڻهن کي ملڪ بدر ڪرڻ جي منصوبي ۾ معاشي ۽ ٽرانسپورٽ جي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو.

  1. يوسف ڳوٺ ۾ فلاحي پلاٽ تي قبضي خلاف داخل درخواست ۾ ترميم جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ يوسف ڳوٺ ۾ فلاهي پلاٽ تي قبضي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت درخواستگذار جي وڪيل کي درخواست ۾ ترميم جو حڪم ڏئي ڇڏيو ، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته يوسف ڳوٺ ۾ مسجد ۽ اسڪول جي پلاٽ تي غيرقانوني اڏاوت ٿي رهي آهي، وڪيل چيو ته پلاٽ مسجد ۽ اسڪول لاءِ مختص ڪيو ويو  آهي، عدالت وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان جي درخواست ۾ڪٿي لکيل آهي ته پلاٽ مسجد ۽ اسڪول جو آهي، درخواستگذار عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.