شهدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر ڀٽي) سنڌو درياءَ تي نوان ڊيم ٺاهڻ خلاف شهدادڪوٽ ۾ پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو طرفان جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي اڳواڻي ۾ سبزي منڊي کان ھزارين ماڻهن احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو، جتي شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن "مرسون مرسون درياءَ نه ڏيسون” جا نعرا هنيا،ان موقعي تي هزارين ماڻهن کي خطاب ڪندي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته سنڌو درياءَ تي نوان ڊيم ٺاهڻ واري منصوبن کي ملڪ خلاف سازش ٿا سمجهون جنهن ڪري سنڌو تي اهڙا ڊيم قبول ناھن جنهن ڪري اهڙي حرڪت کي سنڌ ۽ ملڪ جي وجود خلاف سازش ٿا سمجهون، هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت سنڌو درياءَ تي نوان ڊيم ٺاهڻ واري ضد تي قائم رهي ته پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو سخت مزاحمت ڪندي، جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته سنڌ جي خوشحالي ۽ سنڌي ماڻھن جو جياپو زراعت تي آهي جنهن ڪري نوان ڊيم ٺاهي سنڌ جي زراعت کي تباھ ڪرڻ نه ڏينداسي جنهن ڪري اسان کي ڪنهن به صورت ۾ نوان ڊيم قبول ناھن، هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو شهدادڪوٽ کي ٽيڪسٽائل مل ۽ زراعت کي هٿي ڏيڻ لاءِ سيف الله مگسي ڪئنال ڏنو پر حڪومت جي بي ڌياني جي ڪري منصوبا تباھ ٿي ويا، ان کان جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جو شھدادڪوٽ پهچڻ تي پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو سنڌ جي اڳواڻ عنايت عمراڻي، منير بروهي ۽ ذوالفقار مگسي جي اڳواڻي ۾ ھزارين ڪارڪنن ۽ شھرين شاندار استقبال ڪيو.