اسلام آباد(م ڊ) نيپرا پاران بجلي جي ڪمپنين تي هن وقت تائين لڳايل ڏنڊن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن، نيپرا هن وقت ت ائين بجلي جي ڪمپنين تي 1 ارب 95 ڪروڙ 45 لک رپيا ڏنڊ هنيو آهي، ڪي اليڪٽرڪ تي 2015 کان هن وقت تائين 32 ڪروڙ 35 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي، نيپرا موجب ڪوئيٽا اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني تي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ تي 5 ڪروڙ رپيا ڏنڊ لڳايو ويو آهي، اهڙي طرح حيسڪو ڪمپني تي 2017 کان وٺي هن وقت تائين 15 ڪروڙ 20 لک رپيا ڏنڊ لڳايو ويو آهي،