اسلام آباد (مطيع الله جان) حڪومت چيف جسٽس يحييٰ آفريدي کي خاطري ڪرائي آهي ته حڪومت عدالتن جي معاملي ۾ خاص طور تي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندي ۽ پنهنجي آئيني ۽ قانوني حدن ۾ رهندي ڪم ڪندي. خبر ناهي اها خاطري ڪنهن ڪرائي آهي ۽ ڪهڙي حڪومت ڪرائي آهي جنهن به اها خاطري ڪرائي آهي، چيف جسٽس يحييٰ آفريدي ظاهري طور ان تي يقين ڪري ورتو آهي، هن اها ڳالهه اڄ دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي انتظامي ججن سامهون چئي آهي جنهن ۾ 4 صوبن جا ۽ هڪ اسلام آباد جو جج شامل آهي. هن چيو ته کيس يقين آهي ته سڀ آئيني ادارا پنهنجي حدن ۾ رهندي ڪم ڪندا. ملڪ شهزاد احمد جڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس هو ته سرگوڌا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج هڪ خط ذريعي انڪشاف ڪيو هو ته ڳجهي اداري جا اهلڪار کيس ۽ سندس گهرڀاتين کي هراسان ڪري رهيا آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خط ۾ به آءِ ايس آءِ ۽ ٻين ڳجهن ادارن تي الزام هنيا ويا هئا ته ججن ۽ سندن گهرڀاتين کي هراسان ڪيو پيو وڃي ۽ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. جهڙي خاطري چيف جسٽس يحييٰ آفريدي کي ڪرائي وئي آهي اهڙي خاطري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيفجسٽس عامر فاروق کي به ڪرائي وئي هئي پر پوءِ به اهڙا واقعا ٿيا جو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن سپريم جڊيشل ڪائونسل کي خط لکيو. سپريم جڊيشل ڪائونسل جو اجلاس به اڄ ٿيڻو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جو خط به سامهون ايندو. ڏسڻو پوندو ته 6 ججن جو خط جڊيشل ڪائونسل ۾ کنيو ويندو ۽ ان جو منتطقي انجام ڇا ٿيندو؟ڇا چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خلاف ڪارروائي ٿيندي يا وري ان کي ختم ڪري اڳتي وڌيو ويندو ڇو ته هاڻي حڪومت خاطري ڪرائي ڇڏي آهي. حڪومت ته ان کان اڳ به مداخلت نه ڪندي هئي پر جيڪي مداخلت ڪندا هئا ڇا انهن طرفان به ڪا خاطري آئي آهي؟ جيڪڏهن اهي خاطري ڪرائين ٿا ته ڇا سپريم ڪورٽ ان خاطري کي قبول ڪندي ۽ ٿورا مڃيندي؟ حڪومت جيستائين ڳجهن ادارن، فوج تي ڪنٽرول نٿي ڪري تيستائين اهڙيون سوين خاطريون به چيف جسٽس کي ڪرايون وڃن ته انهن تي يقين ڪرڻ ڏکيو هوندو.