واشنگٽن(ع آ نيوز) آمريڪا جي صدارتي چونڊن ۾ جتي پاڪستاني ڄاوا اميدوار ڪامياب ٿيا، اتي ڪجهه پاڪستاني اميدوارن کي شڪست جو منهن ڏسڻو به پيو. آمريڪي اليڪشن ۾ پاڪستاني نسل جي ڪيترن ئي اميدوارن به ريپبلڪن ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽين جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهي، جن مان ڪي ڪامياب ٿيا ۽ ڪي ناڪام ٿيا. پنسلوانيا ۾ پاڪستاني نسل جي ريپبلڪن اميدوار ايرون بشير کي شڪست ڏني وئي. هن کي پنسلوانيا جي ڪانگريس ضلعي ۾ ڊيموڪريٽڪ برانڊن بوائل هٿان شڪست ڏني وئي. پاڪستاني آمريڪي ڊيموڪريٽڪ اميدوار مريم صبيح اليڪشن هارائي وئي، جڏهن ته مشي گن جي هائوس ڊسٽرڪٽ 57 سيٽن تي ريپبلڪن اميدوار ٿامس ڪوهن ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ پاڪستاني ڊيموڪريٽڪ اميدوار عائشه فاروقي هارائي وئي. ٻئي مسلمان اميدوار ٽيڪساس رياست جي اسيمبلي ۾ ڪامياب ٿيا. ڊيلس مان سلمان ڀوجاڻي ۽ هيوسٽن مان ڊاڪٽر سليمان لالاڻي کٽيو.