ٽنڊوالهيار (رپورٽ : حسرت لغاري) سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري حڪومتي فيصلي خلاف سنڌ آبادگار اتحاد جي سڏ تي ضلعي صدر عبدالرحيم درس جي اڳواڻي ۾ آبادگارن ۽ ھارين پاران ٽنڊوالهيار پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال جي ڪئمپ قائم ڪري احتجاج ڪيو ويو. آبادگارن جي علامتي بک هڙتال واري ڪئمپ تي سنڌ آبادگار اتحاد جي مرڪزي صدر نواب مير زبير ٽالپر، جنرل سيڪريٽري انوارالحق ڪمبوه، محب علي مري، سيف الله گل، مير صوبدار ٽالپر، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي ڊويزنل جنرل سيڪريٽري امير علي ٿيٻو، عوامي تحريڪ جي نياز بھراڻي، ڊسٽرڪٽ بار جي صدر اغيث السلام ايڊووڪيٽ، جنرل سيڪريٽري منير حسين لغاري ۽ ٻي وڪيل برادري، محمد صديق لنڊ، پير محمد بلوچ، سائين بخش جروار، راشد مغل، خادم حسين کوسو، عدنان عاقلاڻي، محمد سليم ڪمبوه، قبول محمد شاه ۽ رسول بخش لغاري سميت وڏي انگ ۾ آبادگارن، صحافين، سياسي ۽ سماجي ڌرين جي اڳواڻن ۽ ھارين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مرڪزي صدر نواب مير زبير ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته چولستان جي 48 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ تي ڌاڙو ھڻڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ۽ چولستان فيلڊ ڪئنال سان سنڌ جي ڪوٽڙي بئراج جي ڪمانڊ ايريا تباهھ ٿي ويندي. سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي متاثر ٿيندي. ھن چيو ته وفاقي حڪومت ارسا کي مفلوج ڪري رھي آھي ۽ ان کي جنھن جي لٺ ان جي مينھن وانگر ھلايو پيو وڃي.