سنڌ هاري ڪاميٽي پاران سنڌوءَ تي ڌاڙي خلاف ريلي جو اعلان

ٽنڊومحمدخان(ڊ ر) سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي ٽنڊو محمد خان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 18 نومبر تي فرزند سنڌ ڪامريڊ اظھر جتوئي جي ورسي جي موقعي تي ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ جي مختلف مسئلن خاص طور تي سنڌو جي پاڻي جي ڌاڙي،مهانگائي،ڌاڙيڪلچر ۽ مذهبي انتهاپسندي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويندو جڏھن ته سنڌ جي پاڻي تيڪنھن به صورت ڌاڙو قبول نه ڪيو ويندو سنڌو درياءَ سنڌ جي ماڻھن لاءِ جياپو آھي اڳي ئي سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آھي وري سنڌو دريا تي 6 نوان ڪئنال ٺاھيا پيا وڃن سنڌ جا ماڻھو سخت احتجاج ڪندا جڏھن ته سنڌ ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو راڄ آھي سنڌ ۾ ماڻھن جي جان مال جو ڪوبه تحفظ ناھي،ان موقعي مرڪزي اڳواڻ جبار باغي،ڪامريڊ ولي محمد برهماڻي ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.