ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ عمري ۽ ويزي جي نالي تي شهرين کان فراڊ ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت جوابدار اصغرعلي ۽ درخواستگذار جي وچ ۾ صلح نامي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جسٽس اقبال ڪلهوڙي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته پهرين ڪيس داخل ڪيو ويندو آهي ان کان پوءِ صلح نامو ڪيو ويندو آهي، اوهان پوري نظام کي بيوقوف سمجهيو آهي، جهيڙي قسم جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي هن ۾ صلح نامو نٿو ٿي سگهي، عدالت درخواست گذار کي چيو ته اوهان کي به جيل موڪليو وڃي تي جوابدار سان گڏ رهو، عدالت سمجهه نٿو اچي تي پهرين ڪيس داخل پوءَ صلح نامو ڪيو ويندو آهي .عدالت درخواستگذار کي هدايت ڪئي ته ٽرائل ڪورٽ ۾ وڃي جوابدارجي خلاف ثبوت ڏيو، ايف آءِ اي جي حڪام ٻڌايو ته جوابدار اصغر علي ٽريول ايجنٽ آهي درخواستگذار ڪيس داخل ڪيو ته عمري ۽ ويزاجي لاءِ 14لک رپيا ڏنا ويا .
-
محمد سليم خان سپريم ڪورٽ جو نئون رجسٽرار مقرر ، نوٽيفڪيشن جاري
اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) محمد سليم خان کي سپريم ڪورٽ جو نئون رجسٽرار مقرر ڪيو ويو،جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ايڊمنسٽريٽو سروس جو محمد سليم خان سپريم ڪورٽ جو نئون رجسٽرار هوندو.وڌيڪ چيو ويو آهي ته محمد سليم خان کي 7 نومبر 2024ع کان 3 سالن جي مدي لاءِ رجسٽرار سپريم ڪورٽ مقرر ڪيو ويو آهي، محمد سليم خان کي 22هين گريڊ ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب محمد سليم خان جي مقرري جو نوٽيفڪيشن چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي جي منظوري سان جاري ڪيو ويو آهي.
-
ڪراچي ۾ ناري جي ڳالهه تان ٻن دوستن ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي ۾ شارع فيصل تي هلندڙ گاڏين تان فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي، ٻن گاڏين ۾ سوار ماڻهن هڪ ٻئي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه سيڪيورٽي گارڊز زخمي ٿي پيا.پوليس موجب فائرنگ جو واقعو گذريل رات 3 وڳي ڇوڪريءَ جي تڪرار تان پيش آيو، هڪ ڇوڪري پنهنجي دوست سان ڪار ۾ شارع فيصل ڏانهن وڃي رهي هئي ته ڇوڪريءَ جو بواءِ فرينڊ ڪار جو پيڇوڪندي آيو، جنهن بعد فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. پوليس موجب بااثر نوجوان ڪار تي فائرنگ ڪري ان کي روڪڻ لاءِ چيو. نوجوان جي لگزري ڪار ۾ موجود سيڪيورٽي گارڊن ٻئي ڪار تي فائرنگ ڪئي، ٻئي ڪار تي موجود سيڪيورٽي گارڊ به فائرنگ ڪندا رهيا.اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ ڇوڪري ڪار مان ٻاهر نڪري فرار ٿي وئي، جنهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، گاڏين ۾ موجود ٻنهي دوستن درين ۽ مصطفيٰ کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي.