تازي قانون سازي سان سياسي پارٽين پنهنجا هٿ پير وڍي ڇڏيا آهن:قانوني ماهر

حيدرآباد(رپورٽر) قانوني ماهرن چيو آهي ته 26 هين ترميم ۽ گذريل ڏينهن ۾ پاس ڪيل مختلف قانونن ۾ سياسي پارٽين پنهنجا هٿ پير وڍي ڇڏيا آهن. اهڙو اظهار هنن ڪالهه حيدرآباد روشن خيال پاران ”عدليا، پارليامينٽ ۽ وفاق جي بالادستي جو تڪرار ۽ سنڌ توڙي ٻيا صوبا فائدي يا نقصان⸮۾؟“ جي عنوان هيٺ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪوٺايل ويهڪ ۾ڪيو. ان موقعي تي بئريسٽر ۽ قانوني ماهر ايڊووڪيٽ صلاح الدين احمد ڳالهائيندي چيو ته پارليامينٽ جي اندر به سڌارن جي ضرورت آهي،عدالتون طاقت جي زور تي حڪومت جي اختيارن ۾ مداخلت ڪنديون رهيون آهن. عدالت سوموٽو دوران پاڻ ڌر ٿي وڃي ته ٻئي کي انصاف ڇا ملندو. هن چيو ته 26 آئيني ترميم ۾ ڪيتريون شيون اڃا واضح ناهن، ڪجهه نقطا طاقتور ڌرين کي وڌيڪ طاقتور به ڪن ٿا، پر ان کان وڌيڪ خطرناڪ صورتحال آهي ته هاڻ تازو حڪومت خاموشي سان شيڊيول فور ۾ ترميم ڪئي آهي، جنهن سان مسئلا پيدا ٿيندا. هن چيو ته دهشتگردي جي ايڪٽ ۾ ترميم ڪري فورسز کي 3 مهينا ڪنهن به شخص کي پاڻ وٽ رکڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي. ڪنهن کي ڪورٽ مان ريليف به نه ملندو. هن چيو ته اهڙا قانون پاس ڪري سياسي پارٽين هاڻ پنهنجا هٿ پير ڪٽي ڇڏيا آهن. پر اهي ساڳيا ئي سياستدان پارليامينٽ جي بالادستي جي ڳالهه ڪري خوش به ٿي رهيا آهن. هن چيو ته عدليا ۾ جيڪا بالادستي هئي اها هاڻ ختم ٿي وئي آهي. اهو خدشو آهي ته ايندڙ سال اڃا به ڏکيا هوندا،ايڊووڪيٽ معين مگسي چيو ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري کي 26 هين ترميم صحيح سمجهائي نٿي. پارلياماني ماڻهن کي خبر ناهي ته اها ترميم آهي ڇا؟هن چيو ته هي عوام دوست ترميم نٿي لڳي. هي خطرناڪ ترميم آهي. هن چيو ته هي ترميم ان ڪري آندي وئي آهي ته پارليامينٽ کي ڪيئن استعمال ڪجي. هن چيو ته هن ترميم کانپوءِ گم ٿيل ماڻهن جا ڪيس به هاڻ ڪورٽ ٻڌي نه سگهندي. جنهن لاءِ بينچ کان اجازت وٺڻي پوندي. 26 ترميم بابت اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته هن قسم جون ترميمون هجن يا پي سي او ان مان عوام کي ڪهڙو فائدو مليو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.