ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ سنڌ جي گھرو وزير طرفان سنڌ اسيمبليءَ ۾ گاديءَ واري ھنڌ ڪراچي ۾ امن امان جي بھتري متعلق بيان کي عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر قرار ڏيندي چيو آهي ته هن وقت ڪراچيءَ کان ڪشمور عوام غير محفوظ ۽ سموري سنڌ بدامنيءَ جي آڙاهه ۾ ٻري رهي آهي، عملي طور سڄو صوبو ڌاڙيلن حوالي ڪيو ويو آھي. ڪنھن به شھري جي جان توڙي مال محفوظ ڪونھي. پ پ گذريل 16سالن کا لاگيتو حڪومت ۾ آھي پر امن ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آھي.انڪرئ حڪومت سنڌ ۾ امن امان جي بحالي توڙي شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ جوڳا قدم کڻي . هن چيو هلندڙ سال صرف ڪراچي شهر ۾ درجنين ماڻهو ڦورن سان مزاحمت ۾ قتل ڪيا ويا.