ڊيرا اسماعيل خان (م ڊ) پاڪستان جي صوبي خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڊيرا اسماعيل خان ۾ درابن روڊ تي دهشتگردن فرنٽيئر ڪانسٽيبلري (ايف سي) جي قافلي تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه اهلڪار شهيد ۽ 5 زخمي ٿي پيا. خيبرپختونخواهه پوليس جو چوڻ آهي ته خارجي دهشتگردن گنڊي عاشق درابن روڊ تي ايف سي جي قافلي تي حملو ڪيو. حملي جي نتيجي ۾ اهلڪار سيد امين ۽ شير رحمان شهيد ٿي ويا جڏهن ته 5 اهلڪار زخمي ٿي پيا، واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهتي.