ڪشمور(رپورٽ: دليپ ڪيسواڻي ) ڪشمور ٿاڻي جي حد ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي گذريل رات ڊکڻ بنگلو واسي ٻن نوجوانن سميت ٽي ڄڻا ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿي ويا آهن ڪشمور پوليس ڏوهارين آڏو بيوس نظر پئي اچي ڪشمور جي ڳوٺ بخش علي کوسو جو رهواسي نوجوان محمد پناهه کوسو آرڊي 45 پل ڀرسان ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿي ويو، ڪشمور ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿي ويندڙ رھواسين جو انگ وڌي 5 ٿي ويو ڪشمور جي ڳوٺ بخش علي کوسو جو رهواسي نوجوان محمد پناهه کوسو آرڊي 45 پل ڀرسان ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿي ويو مغوين جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڪشمور ٿاڻي جي پوليس امن امان قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي،آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻئي پاسي ڪجهه ڏينهن اڳ ڊکڻ اسڪول واسي احمد الدين سومرو، جھانزيب سومرو ۽ اڄ ھڪ ڏينھن اندر 3 نوجوان آصف دستي، غلام حسين دستي ۽ محمد پناهه کوسو اغوا ٿي ويا، جنهن بعد انگ وڌي 5 ٿي ويو آهي.ڪشمور پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ ناھن ورتا سندس گھرن ۾ روڄ راڙو متل آهي.