ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي پوليس سائيٽ ايريا ۾ سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 چيني شهرين جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. ڊي آءِ جي اسد رضا بي بي سي کي ٻڌايو ته واقعي ۾ ٻه چيني شهري زخمي ٿيا آهن پر وڌيڪ تفصيل نه ٻڌايو. سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي آفيس مان جاري ڪيل پڌرائي ۾ واقعي کي سڪيورٽي گارڊ ۽ پرڏيهي شهرين وچ ۾ تڪرار جو واقعو قرار ڏيندي ڪراچي پوليس کي ان واقعي ۾ ملوث سيڪيورٽي گارڊ کي گرفتار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. سنڌ جي گهرو وزير چيني ماهرن ۽ چيني رهاڪن سميت پرڏيهين کي سيڪيورٽي فراهم ڪندڙ ڪمپنين کي آڊٽ جا حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي سميت اهم فرضن تي مقرر گارڊن جي جسماني ۽ ذهني فٽنس ٽيسٽ کي يقيني بڻايو وڃي. وڌيڪ چيو ويو آهي ته صرف تربيت يافته ۽ مڪمل فٽ سڪيورٽي گارڊز کي ڀرتي ڪيو وڃي جڏهن ته لاڳاپيل اختياريون سڪيورٽي ڪمپنين جي آڊٽ رپورٽ گهرو وزير جي آفيس ۾ جمع ڪرائين. چيني شهرين کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جن مان هڪ جي حالت نازڪ آهي. هينئر تائين اختيارين طرفان اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته واقعي جو سبب ڪهڙو هو ۽ زخمي چيني شهري ڪهڙي حيثيت ۾ ڪراچي ۾ موجود هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته ڪراچي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 چيني شهرين جي زخمي ٿيڻ واري واقعي جي جاچ جاري آهي، جڏهن ته پاڪستان ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته اسان زخمين جي خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ انهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪريون ٿا. وڌيڪ چيو ويو ته پرڏيهي وزارت اسلام آباد ۾ چيني سفارتخاني ۽ گهرو وزارت سان رابطي ۾ آهي.