اسلام آباد (م ڊ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي. نيپرا ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي 40 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي جي شهرين لاءِ آگسٽ جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي جي اگهن ۾ 40 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي آهي. واهپيدارن کان اوڳاڙي جنوري جي بلن ۾ ڪئي ويندي، جڏهن ته واڌ 100 يونٽ تائين استعمال ڪندڙ لائيف لائن واهپيدارن تي لاڳو نه هوندي.