غوثپور (رپورٽ: عبدالجبار اوڳاهي ) غوثپور ٻھ ھفتا اڳ جنگڻ ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ غلام قادر جاگيراڻي ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جھيڙي دوران مارجي ويل ڇھن ڄڻن جي خون جو نبيرو عابد سندراڻي ۽ مراد علي جاگيراڻي جي سرپئنچي ۾ ڳوٺ دڙي سندراڻي ۾ ٿي گذريو، ٻنھي ڌرين جون ڳالھيون ٻڌڻ بعد حليم جاگيراڻي واري ڌر تي 4 خون ۽ 3 زخمي ثابت ٿيڻ تي مٿن ھڪ ڪروڙ 25 لک ڏنڊ ۽ شاھمور واري ڌر تي ٻھ خون ثابت ٿيڻ مٿن 41 لک ڏنڊ وجھي ڌرين کي کير کنڊ ڪيو ويو، مجموعي طور تي ھڪ ڪروڙ 66 لک ڏنڊ ٻنھي ڌرين تي وڌو ويو، في خون جي بھا 20 لک طئي ڪئي وئي، ڌريون داخل ڪيل ڪيس ختم ڪرائينديون، نبيري ۾ سوين ماڻھن شرڪت ڪئي ، غوثپور جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ چوپايو مال جي ڦر تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو هو ٻن ڌرين هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ڌرين جا 6 ڄڻا قتل ٿي ويا هئا.