ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس محمد شيفع صديقي جي ٻه رڪني بئنچ ۾ڪيترا ڪيس ملتوي ڪري ڇڏي آهن .عدالت ۾ آئيني بينجز جي حوالي سان سنڌ اسمبيلي جو ٺهراءِ پهچايو ويو .چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته ڪي ايم سي جي ٺيڪن ۾ عدم شفافيت وارو ڪيس به آئيني بئنچ ۾ موڪليو ويندو .آئين جي آرٽيڪل 1(199)۽ (199)سي جا سمورا ڪيسن کي ٻڌيو ويندو .عدالت چيو ته جنهن درخواست ۾ به هاءِڪورٽ کان هدايت گهري ويندي هو به آئيني بئنچ جي حد ۾ آهي .چيف جسٽس سنڌهاءِڪورٽ چيو ته عدالتن جا 90 سيڪڙو ڪيس آئيني بئنچ منتقل ٿيندا .سرڪاري وڪيل چيو ته ٺهراءِ ڪجهه دير ۾ پيش ڪرائي ٿو .چيف جسٽس چيوته رجسٽراڊ ڪاپي موڪلي آهي .سرڪاري وڪيل چيو مون وٽ ڪاپي آهي .چيف جسٽس چيو ڪاپي اسان وٽ به آهي پر هڪ آفيشيلي طريقي ڪار هوندو آهي .