اسلام آباد (م ڊ) جڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بئنچ قائم ڪري ڇڏي آهي، جوڊيشل ڪميشن پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪالهه چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بئنچ جوڙڻ لاءِ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بئنچ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڊيشل ڪميشن ۾ آئيني بئنچ جو فيصلو 7 ۽ 5 جي تناسب سان ٿيو، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، عمر ايوب ۽ شبلي فراز امين الدين خان جي سربراهي ۾ بئنچ جوڙڻ جي مخالفت ڪئي، جڏهن ته باقي ميمبرن حمايت ۾ ووٽ ڏنو، جن ۾ جسٽس امين الدين، اعظم نذير تارڙ، اٽارني جنرل، اختر حسين، فاروق ايڇ نائيڪ، شيخ آفتاب، روشن خورشيد بروچا شامل آهن، پڌرائي موجب پنجاب مان جسٽس امين الدين، جسٽس عائشا ملڪ، سنڌ مان جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي، بلوچستان مان جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس نعيم اختر افغان، جڏهن ته خيبر پختونخواهه مان جسٽس مسرت هلالي کي بئنچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، پڌرائي جڊيشل ڪميشن جي سيڪريٽري جزيلا اسلم جاري ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو ته آئيني بئنچ ۾ چئني صوبن جي نمائندگي ڏني وئي آهي، ڪميشن اجلاس ۾ اٽارني جنرل آف پاڪستان منصور عثمان اعواڻ، قانون واري وفاقي وزير نذير تارڙ، پاڪستان بار ڪائونسل جي نمائندي اختر حسين به شرڪت ڪئي، ان کان سواءِ پيپلز پارٽي جو سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ، مسلم ليگ (ن) جو شيخ آفتاب احمد، پي ٽي آءِ جو عمر ايوب ۽ شبلي فراز جڏهن ته عورت ميمبر روشن خورشيد به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.