سول ادارا ۽ پارليامينٽ طاقت ور نه ٿي سگهندا: عائشا صديقا

نيو يارڪ (رضا رومي) تجزئي ڪار ڊاڪٽر عائشا صديقا رضا رومي جي ولاگ ۾ ڳالهائيندي چيو ته ڀارت ۾ وڏي آبادي هوندي اتي ججن جو انگ 33 آهي ۽ هتي 34 ڪيو ويو آهي، ظاهر آهي ان پٺيان سياسي منظرنامو آهي.  آرمي چيف جو مدو جيڪو هڪ سال پوءِ وڌائڻو هو اهو سال اڳ وڌايو ويو آهي. جيڪي جرنيل 25 نومبر جي انتظار ۾ ويٺل هئا سڀ ليفٽيننٽ جنرل پنهنجي وقت تي ئي ريٽائر ٿيندا. واڌ واري گيم تي فوج ۾ بيچيني پيدا ٿيندي آهي. سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته آرمي چيف کي اهڙي ڪهڙي تبديلي ڪرڻي آهي فوج ۾ ڇو کيس 5 سال گهرجن. فوج ٽي ٽي پي سان مقابلو نٿي ڪري سگهي ٿي، بلوچستان ۾ معاملا جيئن جو تيئن آهن. اهڙي ڪهڙي تبديلي آڻڻي آهي؟ کيس مدي ۾ واڌ ڏئي بدلي ۾ ڇا ورتو پيو وڃي؟ کانئس ڪجهه به بدلي ۾ نه پيو ورتو وڃي. سياسي حڪومت جي نظر ۾ ان سان استحڪام ايندو. چيو ويو ته چين ۾ آرمي چيف جو مدو 5 سال هوندو آهي ان لاءِ هتي به ان کي فالو ڪيو ويو آهي پر ڪميونسٽ پارٽي فوج کي ڪنٽرول ڪندي آهي، 1996 م هنن چئي ڇڏيو هو ته فوج ڪاروبار نٿي ڪري سگهي ۽ کين ان معاملي مان ڪڍيو ويو. ڇا هي ائين ڪري سگهن ٿا؟ اوهان جي ڀيٽ ڀارت سان ٺهي ٿي جتي آرمي چيف جو مدو 3 سال آهي. ن ليگ جي خواهش هئي ته جيترو پارليامينٽ جو مدو هجي اوترو آرمي چيف جو مدو هجي. آرمي چيف جو مدو ڊگهو ڇو گهرجي؟ حڪومت جيڪي تبديليون آنديون آهن اهي ان لاءِ ناهن ته کيس عوام جو درد آهي، حڪومت کي پنهنجو درد آهي. سروسز چيف جي مدي ۾ واڌ حڪومت جي مفاد ۾ ۽ خلاف ۾ به وڃي سگهي ٿي ڇو ته اڳوڻن آرمي چيفن پارليامينٽ کان من پسند ڪم ڪرائي حڪومتن کي ئي فارغ ڪيو. جهڙي نموني اهي تبديليون آنديون ويون آهن اهي شڪ پيدا ڪن ٿيون. جن ادارن جي حوالي سان تبديليون آنديون پيون وڃن، ان ۾ نيت اها ناهي ته انهن جو احتساب ٿئي، پر نيت اها آهي ته اهي ادارا سندن احتساب نه ڪري سگهن. ادارا ڪمزور ته پوءِ انهن شين کي هٿي ملندي جيڪي غير پارلياماني آهن، فوج طاقتور ٿيندي. پارليامينٽ طاقتور ٿيڻ واري ناهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 06 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.