اسلام آباد(م ڊ) حڪومت پاران جوڊيشل ڪميٽي ۾ برابر جي نمائندگي جو واعدو پورو نه ڪرڻ تي احتجاج طور پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گذريل هفتي جوڊيشل ڪميشن مان پنهنجو نالو واپس وٺي ڇڏيو، ذريعن موجب بلاول ڀٽو اهم معاملن تي واعدن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ ۽ مشاورت نه ڪرڻ جو الزام لڳائيندي مسلم ليگ (ن) تي ناراضگي جو اظهار ڪيو، ۽ چيو ته حڪومت عدالتي ڪميٽي ۾ پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جي برابر نمائندگي جو واعدو پورو نه ڪيو آهي.جنهن ڪري بلاول احتجاج طور جڊيشل ڪميشن مان پنهنجو نالو واپس ورتو هو، ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت سان مستقبل جو فيصلو هاڻي پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ڪندي، جڏهن ته بلاول ڀٽو جي وطن واپسي تي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويندا.