تلهار واسي پورهيت شاخ ڪاٺ واري پل تان هيٺ ڪري ٻڏي فوت

تلهار (رپورٽ: محمد حنيف ملاح ) تلهار ويجهو راڄو خاناڻي ٿاڻي جي حد ۾ سلطاني واهھ تي اڏيل ڪاٺ واري پل تان ڪري 30 سالا  ھدايت سامي ڪري پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، راڄوخاناڻي شھر ۾ ڪم ڪار سانگي آيل سامي برادري جو 30 ورهين جو شخص ھدايت سامي شھر کان گھر ويندي سلطاني واھه تي اڏيل ڪاٺ واري موري وٽان گم ٿي ويو ۽ گھر نه پھچڻ تي سندس وارث سڄي رات ڳولا ڪندا رھيا. بعد ۾ سندس لاش سلطاني واھه جي ٽيل موري ريگيوليٽر وٽان ماڻھن دروازن ۾ ڦاٿل ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس لاش تحويل ۾ وٺي رورل ھيلٿ سينٽر راڄوخاناڻي پھچايو. جتي سندس سڃاڻپ ھدايت جوڳي طور ٿي، لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. وارثن جو چوڻ آھي ته فوتي جي نظر ڪمزور ھئي ۽ پل ٽٽل ھئڻ ڪري اونداھي سبب ھو واھه ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو آھي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.