اسلام آباد(ابصار عالم)جڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ پي ٽي آءِ آئيني بئنچ جي سربراهه لاءِ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس منصور علي شاهه جا نالا تجويز ڪيا،پ پ ،ن ليگ ۽ وڪيلن جسٽس امين الدين جو نالو ڏنو جڏهن ته جسٽس امين الدين پڻ پنهنجي پاڻ کي بئنچ جي سربراهه لاءِ تجويز ڪيو،طاقت جي هن کيل ۾ هاڻي جسٽس منصور علي شاهه،جسٽس منيب اختر،جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عائشه ملڪ جو گروپ ڪمزور نظر اچي رهيو آهي،پر انهن جا سمورا ڪارڊ ختم ناهن ٿيا، ان کان اڳ جسٽس منصور شاهه ۽ جسٽس منيب اختر اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان ٻارن وانگر وڙهي رهيا هئا،هاڻي 26هين ترميم جو ڪيس ٻڌڻ لاءِ چيف جسٽس کي خط لکي جسٽس منصور شاهه پنهنجي سيٽ بچائڻ لاءِ ان حد تائين پهتو آهي،منصور شاهه ۽ منيب اختر پنهنجي شڪست قبولڻ لاءِ تيار ناهن ۽ اهي سياستدانن وانگر سياست پيا ڪن،جنهن تي پارليامينٽ پنهنجو جوابي پتو کيڏيو آهي،جيتوڻيڪ پارليامينٽ جيڪا قانون سازي ڪئي ۽ جهڙي نموني ڪئي ان جا اخلاقي بنياد مضبوط ناهن پر سياستدانن کي ان عمل تي ججن ئي مجبور ڪيو، ٻنهي ججن سپريم ڪورٽ ۽ ملڪ کي هيجان ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي،جنهن جي ڪري سياسي استحڪام نه پيو اچي،مخصوص سيٽن واري فيصلي خلاف نظرثاني اپيل داخل ٿيڻ تي به ٻنهي ججن قاضي فائز کي اهو چئي ڪيس ٻڌڻ کان انڪار ڪيو ته اسان کي موڪل تي وڃڻو آهي،کين تفصيلي فيصلو ڏئي موڪل تي وڃڻ گهرجي ها،26هين ترميم ۾ لکيل آهي ته اها ترميم عدالت ۾ چئلينج نٿي ٿي سگهي پر پوءِ به جسٽس منصور شاهه ۽ منيب اختر بضد آهن ته ترميم خلاف پٽيشن ٻڌڻ لاءِ فل ڪورٽ اجلاس گهرايو وڃي،چيف جسٽس کي مشڪل پوزيشن ۾ پهچايو ويو آهي،جي ايڇ ڪيو (GHQ)۽ جڊيشل هيڊڪوارٽر (JHQ)۾ مقابلو هلي رهيو آهي،عمران خان کي ڪجهه ڏينهن اڳ به چيو ويو ته توهان سياسي قوتن سان ڳالهيون ڪريو،عمران خان لاءِ 25 سالن جو پلان هو پر هاڻي اهو پلان 10 سالن لاءِ بدلجي موجوده حڪمران اتحاد جي کاتي ۾ هليو ويو آهي،جنرل فيض حميد بدران آرمي چيف جو عهدو 10 سالن لاءِ جنرل عاصم منير وٽ هليو ويو آهي،نئين قانون سازي سان کيس 5 سال ڏنا ويا آهن ۽ بعد ۾ کيس ايڪسٽينشن به ڏئي سگهجي ٿي،هائبرڊ نظام ئي ملڪ ۾ هلندو،ان ۾ سمورين سياسي جماعتن کي پنهنجي پنهنجي حصي جو الزام قبولڻ گهرجي،ججن کي سياست ڪرڻ جو سبق ملي رهيو آهي،لاهوري ججن جي گروپ ملڪ ۾ گند ڪيو آهي،جج ۽ وڪيل به ته مافيا آهن،هڪ ئي چيمبر مان ٽي وڪيل سپريم ڪورٽ ۾ جج لڳي وڃن ٿا،منيب اختر جو سڄو خاندان پنجاب سان تعلق رکي ٿو پر هو سنڌ جي ڊوميسائل تي جج بڻجي ويو،افتخار چوڌري پنجاب جو هئڻ باوجود بلوچستان مان جج ٿي ويو،پارليامينٽ کي به هاڻي عوام لاءِ قانون سازي ڪرڻ گهرجي،جن” قوتن“ جي سرپرستي سان ۽ جن لاءِ قانون سازي ڪئي پئي وڃي انهن جي ڪلهي تي ايترو غرور ۽ تڪبر نه ڪرڻ گهرجي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 06 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو