واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدارتي چونڊن دوران اڪثر ماڻهن جون نظرون اينيميٽڊ سيريز ”دي سمپسنز“ تي آهن ۽ ماڻهو اهو ڄاڻڻ چاهين ٿا ته ڇا دنيا جي اهم واقعن تي اڳڪٿي ڪندڙ مشهور دي سمپسنز 2024ع جي آمريڪي صدارتي چونڊن جي متوقع نتيجن جي اڳڪٿي به ڪئي آهي؟، 20 سال اڳ ڪيل اڳڪٿي هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا تي صارفن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي آهي، جنهن کي صارفن شيئر ڪري رهيا آهن ۽ ٻيهر دعوي ڪري رهيا آهن جنهن ۾ ڪملا هيرس جي صدر ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، ان قسط جي سمپسن جي ڪردار ليزا کي ڪملا هيرس جهڙي پتلون ۽ موتين وارو هار پاتل آهي ۽ پريس ڪانفرنس ۾ پاڻ کي آمريڪا جي پهرين عورت صدر طور متعارف ڪرايو آهي.
-
ڪملا وچ اوڀر تي حملا ڪري لکين مسلمان مارائيندي: ٽرمپ
مشي گن(م ڊ) آمريڪي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ ٽرمپ مشي گن ۾ مسلمان ووٽرن کي چيو ته عرب ۽ مسلمان امن چاهين ٿا، ڪملا هيرس ۽ سندس ويڙهاڪ ڪابينا وچ اوڀر تي حملا ڪندي ۽ لکين مسلمانن کي ماري ڇڏيندي، ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ اهو به لکيو آهي ته ڪملا هيرس ۽ سندس ويڙهاڪ ڪابينا ٽين عالمي جنگ شروع ڪري ڇڏيندي.