هاءِ ڪورٽ پاران لياري ۾ سئو گز جي پلاٽ تي 8 ماڙ عمارت ٺاهڻ تي حيرت جو اظهار

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس ظفر احمد راجپوت جي ٻه رڪني بئنچ ۾ آگره تاج لياري ۾ 8 منزله عمارت جي غير قانوني اڏاوت جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت جو سئوگز جي پلاٽ تي 8منزله عمارت ٺاهڻ تي حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا هي لياري ۾ اڏاوت ٿي رهي آهي.عدالت ايس بي سي اي ،سنڌحڪومت سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اگرا تاج پلاٽ نمبر 129تي غيرقانوني اڏاوت ٿي رهي آهي .وڪيل چيو ته سنڌ جي وڏي وزير غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.