سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ميرپورخاص پاران تڪراري ڪئنالن خلاف ٺهراءُ منظور

ميرپورخاص ( بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ميرپورخاص سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ کي سنڌ دشمني قرار ڏئي ڇڏيو، هاءِ ڪورٽ بار پاران مذمتي قرارداد منظور، هاءِ ڪورٽ بار ميرپورخاص جي جنرل سيڪريٽري عزيز لغاري پاران جاري ڪيل پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ بار ميرپورخاص سنڌو درياءُ تي نون ڪئنالن جي اڏاوت واري فيصلي جي سخت لفظن مذمت ڪري ٿي سنڌو مان نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جو زمينون بنجر ٿي وينديون اهڙي عمل سان سنڌ جي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو ميرپورخاص، عمرڪوٽ ٿرپارڪر ۽ بدين سميت ٻيا ضلعا سخت متاثر ٿيندا سمنڊ سنڌ جون زمينون ڳڙڪائي ويندو جنهن سان وڏي تباهي ايندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.