سنڌ ايسوسيئيشن آف جاپان پاران سنڌ م بدامني تي ڳڻتي

اوساڪا (پ ر) سنڌ ايسوسيئيشن آف جاپان پاران سنڌ ۾ لاقانونيت، بدامني ۽ ڏھڪاءَ واري ماحول تي ڳڻتيءَ جو اظھار ڪندي  پاڪستان جي وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير کا ن گھر ڪئي تھ عوام دشمن سرگرمين کي ٻنجو ڏيڻ فوري طور ڪري قانون لاڳو ڪيو وڃي ۽ ماڻھن کي پرسڪون زندگي گذارڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن. اوساڪا مان سنڌ ايسوسيئيشن آف جاپان پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ گھوٽڪي ۾ اغوا جي وارداتن تي ڳڻتي ظاھر ڪئي وئي آھي. سنڌ ايسوسيئيشن آف جاپان جي صدر فاروق مھر چيو آھي تھ سندس جنم ڀوميءَ سنڌ ۾ لاقانونيت ۽ بدامنيءَ تي تمام گھڻو ڏک ٿي رھيو آھي، ھن مطالبو ڪندي چيو تھ پاڪستان خاص طور تي سنڌ حڪومت عوام کي تحفظ فراھم ڪري. ھن چيو تھ ڪنڌڪوٽ کان صالح پٽ  ڪيرتن ڪري واپس ايندڙ خاندان جي رستي ۾ راڻا اسٽاپ وٽ گاڏي بيھاري صالح پٽ واسي نوجوان وڪرم ڪمار پٽ ڌنو مل کي اغوا ڪرڻ جي مذمت ڪجي ٿي. فاروق مھر چيو تھ سنڌ جي امن کي ھٿ سان تباهيءَ جي ڪناري تي پھچايو ويو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.