غزا ۾ اسرائيل جو اسپتال تي حملو، 37 فلسطيني شهيد

غزا/بيروت (م ڊ) غزا ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ وڌيڪ 37 فلسطيني شهيد ٿي ويا. ڪمال عدوان  اسپتال تي اسرائيلي فوج هڪ ٻيهر حملو ڪيو جڏهن ته اتر غزا ۾ اسرائيلي فوج جو گهيرو جاري آهي ۽ فلسطينين کي خبردار پڻ ڪيو ويو آهي. غزا شهر ۾ اسرائيلي فوج ڊرون حملو ڪري 2 فلسطيني شهيد ڪري ڇڏيا، جڏهن ته غزه ۾ امدادي سرگرميون معطل آهن. فلسطيني اٿارٽي جي انتظام هيٺ ويسٽ بئنڪ تي اسرائيلين جا حملا جاري آهن، جتي ڪيترن ئي فلسطينين جا گهر ۽ گاڏيون سڙي ويون. ان کان علاوه اسرائيلي فوج لبنان ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ 16 شهرين کي قتل ۽ 90 کي زخمي ڪري ڇڏيو. اسرائيلي علائقي بنيامين ۾ چيڪ پوسٽ تي حملي جي نتيجي ۾ ٻه عورت فوجي اهلڪار زخمي ٿي پيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.