حيدرآباد ۾ 95 ماڻهن کي ڊينگي جي تصديق، وڌيڪ اضافي جو خدشو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڊينگي جا ڪيس تيزي سان وڌڻ لڳا آهن، وڏي تعداد ۾ ماڻهو اسپتال ڀيڻا ٿي رهيا  آهن، ڊينگي جي مريضن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن. ڊينگي کان بچاءُ لاءِ ضلعي انتظاميا يا مڪاني ادارن پاران مڇر مار ڦوهاري سميت عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ بابت اڃا تائين ڪا به رٿابندي نه ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري ڊينگي جي ڪيسن ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿيڻ جو خدشو آهي. سول اسپتال حيدرآباد ۾ گذريل 15 ڏينهن دوران ڊينگي جي علامتن ۽ بخار ۾ ورتل 11 سئو 55 مريضن جي اسڪرينگ ٽيسٽ ڪئي وئي، جن مان 95 ماڻهن کي ڊينگي بخار واري وائرس جي تصديق ٿي. ڊينگي وائرس ۾ مبتلا مريضن جي لاءِ سول اسپتال حيدرآباد ۾ قائم آئسوليشن وارڊ جي انتظاميا موجب ڊينگي وائرس ۾ مبتلا 66 مريضن کي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ جي ضرورت نه هئي، انهن مريضن جو پليٽي ليٽس ڪائونٽ بهتر هو، ان ڪري انهن کي دوائون ڏئي پنهنجن گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو، 35 مريضن جي حالت اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جهڙي هئي، جن مان 28 مريض اسپتال ۾ داخل ٿيا، جڏهن ته 7 مريض پنهنجي مرضي سان خانگي اسپتالن يا وري پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.