تاريخي عمارتن جي بچاءُ ۾ سول سوسائٽي رنڊڪ پئي بڻجي:مرتضيٰ وهاب

ڪراچي ( ذوالفقار راڄپر ) سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي جي ڪراچي ميٽرو ڪارپوريشن ( ڪي ايم سي ) جي ميئر ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان  مرتضي وهاب اعلان ڪيو آهي ته 25 ڊسمبر تي ڪراچي جي تاريخ، ادب، سماجي ڪردار، صحت، راندين، فن ۽ ٻين شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن کي ڪراچي ايوارڊ ڏنو ويندو ۽ ڪي ايم سي طرفان هر سال ڪراچي پريس ڪلب  کي  10 لکن جي امداد رقم ڏني ويندي ۽ ڪلب جي باغ کي نئين سر خوبصورت بڻائڻ لاءِ هن جي خاندان طرفان ذاتي طور ڪم شروع ڪرايو ويندو ۽ افسوس ته شهر جي قديم تاريخي عمارتن جي بچاء آڏو سول سوسائٽي جا ڪجهه فرد رڪاوٽون وجهي رهيا آهن ۽ ڪراچي شهر جي روڊن ۾ ٻاھران اسمگلنگ ٿيل غير معياري ڍانڀر استعمال ٿيندو رهيو آهي، جنهن جي رستا روڪ ڪئي وئي آهي . هن اها ڳالهه  ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب جي لائبريري ۾ ڪراچي جي تاريخ تي جڙيل ” ڪراچي ڪارنر” جي افتتاح بعد صحافين سان ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي ڪلب جو صدر سعيد سربازي، سيڪريٽري شعيب احمد، لائبريري ڪميٽي جو سيڪريٽري رزاق ابڙو، ذوالفقار راجپر ،جاويد مهر،نور محمد ڪلهوڙو ۽ ٻيا به موجود هئا. مرتضي وهاب چيو ته ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪراچي ڪارنر هڪ خوش آئنده قدم آهي، جيڪو ڪتاب دوستن جي همت افزائي ڪري ٿو، پر ٻي پاسي اهو الميو آهي ته معاشري ۾ ڪتاب پڙهڻ وارن جو تعداد گهٽجي رهيو آهي ۽ هو اڄ به ڊجيٽل دور ۾ ڇپيل اخبار ۽ ڪتابن کي اهميت ڏئي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.