اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان هٿياربند فوج جي سربراهن جو مدو 5 سال ڪرڻ ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ وڌائي 34 ڪرڻ جا بل اڪثريت راءِ منظور ٿي ويا، مخالف ڌر سخت احتجاج ڪيو آهي. قومي اسيمبلي ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن جو مدو 5 سال ڪرڻ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ 17 مان وڌائي 34 ڪرڻ بابت ترميمي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جو انگ 9 مان وڌائي 12 ڪيو ويو. آرمي ايڪٽ ۾ ترميم کانپوءِ پاڪ فوج ۾ جنرل جي رٽائرمينٽ جا ضابطا آرمي چيف تي لاڳو نه ٿيندا، مقرري، ٻيهر مقرري يا واڌ جي صورت ۾ آرمي چيف جنرل طور ڪم ڪندو رهندو. انهن بلن تحت آرمي ايڪٽ 1952 جي سيڪشن 8A، 8B ۽ 8C ۾ ترميم ڪئي وئي ته جيئن پاڪستان جي چيف آف آرمي اسٽاف جي مدي ۾ واڌ ڪئي وڃي. اهڙي طرح پاڪستان نيوي آرڊيننس 1961 جي شق 14 اي، 14 بي ۽ 14 سي ۾ ترميم ڪئي وئي آهي ته جيئن چيف آف نيوي جي مدي ۾ واڌ ڪئي وڃي. پاڪستان ايئر فورس ايڪٽ 1953 جي سيڪشن 10 اي، 10 بي ۽ 10 سي ۾ ترميم ڪئي وئي آهي ته جيئن پاڪستان ايئر فورس جي سربراهه جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ ڪئي وڃي. قانون واري وفاقي وزير نذير تارڙ ججن جو انگ وڌائڻ جا بل ۽ پراسيس اينڊ پروسيجر ترميمي بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا. بچاءَ واري وزير خواجا آصف هٿياربند فوجن جي سربراهن جي مدي ۾ 5 سال واڌ جو ترميمي بل پيش ڪيو. اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس 2 ڪلاڪ 40 منٽ دير سان شروع ٿيو. جنهن کانپوءِ وزيراعظم نذير تارڙ سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ وڌائڻ جو ترميمي بل 2024 ۽ قومي اسيمبلي ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي بل پيش ڪيو. جنهن کانپوءِ وزيراعظم نذير تارڙ سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ وڌائڻ جو ترميمي بل 2024 ۽ قومي اسيمبلي ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي بل پيش ڪيو. قانون واري وزير چيو ته عدالتن ۾ ڪيس گهڻي عرصي کان التوا ۾ آهن، ان ڪري ججن جو انگ وڌائي 34 ڪري رهيا آهيون. قانون واري وزير وڌيڪ چيو ته 26هين آئيني ترميم کانپوءِ آئيني بينچن جي قيام لاءِ ججن جي ضرورت هئي. اعظم نذير تارڙ واضح ڪيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ 34 تائين وڌايو پيو وڃي، جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان ضرورت موجب ججن جو انگ وڌائيندي، ٿي سگهي ٿو پهرين مرحلي ۾ اسان کي 6 يا 8 ججن جي ضرورت هجي. وقت گذرڻ سان گڏ اهو انگ وڌندو ۽ گهٽندو رهندو، اسان اهو فيصلو جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان تي ڇڏيو آهي. قانون واري وزير اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ترميمي بل 2010 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ترميمي بل 2024 پيش ڪيو . جنهن تحت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جو تعداد 9 مان وڌائي 12 ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي هئي. قانون واري وزير چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ التوا وارن ڪيسن جو انگ تمام گهڻو آهي .ترميمي بل جي منظوري دوران حڪومتي ۽ مخالف ڌر جا ميمبر آمهون سامهون ٿي ويا. هڪ ٻئي جي ڳلن ۾ هٿ وڌا، حڪومتي ميمبرن وزيراعظم جي سيٽ جو گهيرو ڪيو. مخالف ڌر جي ميمبرن اسپيڪر جي ڊائس آڏو سخت احتجاج ڪيو، مخالف ڌر جي ميمبرن ايوان ۾ ”نونو“ جا نعرا هنيا ۽ ترميمي بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون. بچاءَ واري وزير خواجا آصف هٿياربند فوج جي سربراهن جي مدي ۾ 5 سال واڌ جو بل پيش ڪيو، جنهن کي ايوان اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو. بعد ۾ بچاءَ واري وزير آرمي ايڪٽ 1952ع ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو. بل موجب پاڪ فوج ۾ جنرلن جي رٽائرمينٽ جا ضابطا آرمي چيف تي لاڳو نه ٿيندا. مقرري، ٻيهر مقرري يا واڌ جي صورت ۾ آرمي چيف جنرل جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهندو. بعد ۾ ايوان پاڪستان آرمي ايڪٽ ترميمي بل 2024 به اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو. بچاءَ واري وزير خواجا آصف هٿياربند فوج جي سربراهن جي مدي ۾ 5 سال واڌ جو بل پيش ڪيو، جنهن کي ايوان اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو. بعد ۾ بچاءَ واري وزير آرمي ايڪٽ 1952ع ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو.بل موجب پاڪ فوج ۾ جنرلن جي رٽائرمينٽ جا ضابطا آرمي چيف تي لاڳو نه ٿيندا. مقرري، ٻيهر مقرري يا واڌ جي صورت ۾ آرمي چيف جنرل جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهندو. بعد ۾ ايوان پاڪستان آرمي ايڪٽ ترميمي بل 2024 به اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو. قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ به ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن جي ملازمت جي مدي ۾ 5 سال واڌ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ 17 مان وڌائي 34 ڪرڻ جو ترميمي بل منظور ڪري ورتو، جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جو انگ 17 مان وڌائي 34 ڪيو ويو. 9 کان 12 وڳي تائين، مخالف ڌر شور مچايو ۽ بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون. قومي اسيمبلي اجلاس کانپوءِ سينيٽ جو اجلاس پريزائيڊنگ آفيسر سينيٽر عرفان صديقي جي صدارت هيٺ ٿيو. ايوان ۾ سينيٽر ۽ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ وڌائڻ جو بل پيش ڪيو، جنهن تي ڳڻپ ٿي ۽ ان کي اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو. پوءِ اعظم نذير تارڙ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بل ۾ ترميم جو بل ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو. بل جي منظوري دوران ايوان ۾ اپوزيشن سخت نعريبازي ڪندي ڊائس جو گهيرو ڪري ورتو، صورتحال کي ڏسندي سارجنٽ ايٽ آرمز کي طلب ڪيو ويو. پوءِ بچاءَ واري وزير خواجا آصف پاڪستان آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو، جنهن تي راءِ شماري ۾ ان جي حق ۾ ووٽ آيا ۽ پريزائيڊنگ آفيسر بل جي منظوري جو اعلان ڪيو. خواجا آصف پاڪستان ايئر فورس ايڪٽ 1953 ۾ ترميم جو بل 2024 پيش ڪيو، جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو، جڏهن ته پاڪستان نيوي آرڊيننس 1961 ۾ ترميم جو بل به منظور ڪيو ويو. قانون سازي سان سروسز چيفس جي ملازمت جو مدو 3 سالن مان وڌي 5 سال ٿي ويندو، پوءِ سينيٽ جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو.