بدنيتي تي ٻڌل آئيني ترميم کي رد ڪريون ٿا: لياقت بلوچ

ڪراچي ( رپورٽر) جماعت اسلامي جي نائب امير ۽ اسلامي مجلس عمل سياسي ترقي جي معاملن جي صدر لياقت بلوچ قومي اسيمبلي ۾ قانون سازي واري عمل کي ايمرجنسي ۽ سپريم ڪورٽ جي 26هين آئيني ترميم جي عمل کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمنٰ آئيني ترميم بل آڻڻ وقت چيو هو ته بدنيتي تي ٻڌل آئيني ترميم کي رد ڪيون ٿا ۽ ان معاملي تي ڳالهين جو حصو نه ٿيڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جو انگ وڌائڻ لاءِ حڪومت پنهنجي هٿ ۾ تلوار کڻي عدليه تي مرحليوار حملو ڪيو آهي. عدليه جي آزادي ۽ اختيار کي گهٽائڻ لاءِ قومي اسيمبلي جو قانون ڪارو قانون آهي. پاڪ فوج سان لاڳاپيل ترميمون به پارليامينٽ جي بي حسي ۽ غلامي جو بدترين مثال آهن.عدليه جي آزادي لاءِ جمهوري قوتن ۽ آئين جي بالادستي جو مشن رکندڙ سمورين قوتن ۽ اسٽيڪ هولڊرن کي سياست کان بالاتر ٿي قومي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان 6 نومبر تي جماعت اسلامي جي مرڪزي ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، اجلاس ۾ ملڪي صورتحال، ڪاري قانون ۽ ملڪ جي آزادي جي تحفظ لاءِ لائحه عمل جو فيصلو ڪيو ويندو.لياقت بلوچ چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي فل ڪورٽ اجلاس گهرايو وڃي .

۽ ملڪ جو اعليٰ ترين ادارو عدليه جي آزادي لاءِ وقت سر پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

  1. لاهور ۾ فضائي گدلاڻ  تي پنجاب حڪومت جو ڀارت سان رابطي جو فيصلو

لاهور ( بيورو+م ڊ ) لاهور ۾ سموگ جي وڌندڙ صورتحال سبب پنجاب حڪومت پرڏيهي وزارت ذريعي پاڙيسري ملڪ ڀارت سان ڳالهين جو فيصلو ڪيو آهي.رپورٽ موجب گذريل ڏينهن لاهور ۾ پريس  ڪانفرنس ڪندي پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب شهرين کي ڀارت مان ايندڙ سموگ کان خبردار ڪندي چيو ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتي تائين لاهور طرف هوائون هلنديون رهنديون.صوبائي وزير چيو ته امرتسر ۽ چندي ڳڙهه کان ايندڙ اوڀرندي هوائن سبب لاهور ۾ هوا جي معيار جو انڊيڪس ٻن ڏينهن ۾ 1000 کان مٿي ٿي ويو آهي.ياد رهي ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان لاهور دنيا جي آلوده ترين شهرن جي لسٽ ۾ پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته ڀارت مان ايندڙ هوا شهر جي هوا کي صحت ۽ هوا لاءِ انتهائي نقصانڪار بڻائي ڇڏيو آهي. صوبائي ڪابينا ۾ ماحوليات جو قلمدان سنڀاليندڙ مريم اورنگزيب چيو ته پنجاب حڪومت ان معاملي تي نئين دهلي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي، جنهن لاءِ صوبائي حڪومت طرفان اڄ پرڏيهي آفيس کي باضابطا خط لکيو ويندو.

  1. ڇا حڪومت نٿي چاهي ته ٻار خودڪشي کان بچن: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ تعليم کاتي کي اسڪولن ۾ ٻارن سان ڇيڙخاني ۽ سوشل ميڊيا ٽرولنگ جي واقعن تي ضابطو آڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اسڪولن ۾ ٻارن سان ڇيڙخاني ۽  سوشل ميڊيا ٽرولنگ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ سيڪريٽري اسپيشل ايجوڪيشن عدالت ۾ پيش ٿيو. ڇا حڪومت نٿي چاهي ته ٻار خودڪشي کان بچن، ٻارڙن کي ڇيڙخاني کان بچائڻ بابت ان حوالي سان قانون هجڻ گهرجي، سيڪريٽري اسپيشل ايجوڪيشن عدالت کي ٻڌايو ته ان حوالي سان اڳ ۾ ئي قانون موجود آهن، ها پر ان ۾ ڇيڙخاني واري معاملي کي شامل ڪري سگهجي ٿو، بعد ۾ عدالت خصوصي تعليم واري سيڪريٽري جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي ۽ سفارشون طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 10 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.