مٺي(رپورٽ: غازي بجير) چيلهار ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻورلي ڀيل ۾ نوجوان گونگيءِ ناري سان ٻن جوابدارن پاران اجتماعي ڏاڍائي ۽ حمل ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، چيلهار اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي ڪنواري ناري سان ڏاڍائي ۽ کيس حمل هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، ان باوجود چيلهار پوليس وارثن جي درخواست تي جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ڪئي آهي، الزام هيٺ آيل جوابدارن مان هڪ جوابدار صحت کاتي جو ملازم ٻڌايو وڃي ٿو جيڪو اڳ ۾ اهڙن واقعن ۾ ملوث رهيو آهي، جنهن بعد ناري جي ڀاءُ پهلاج ڀيل انصاف لاءِ مٺي جي عدالت ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر کي الڳ الڳ درخواستون ڏيئي ڇڏيون آهن، جن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي ته منهنجي ڀيڻ ڳالهائڻ جي سگھه کان محروم ۽ ذھني مريض آھي جنهن کي جوابدارن ڀيرو ۽ ڀاڻجي ڀيل اجتماعي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ۽ جنهن ڪري کيس حمل ٿي ويو، چيلهار پوليس ڪارروائي نٿي ڪري، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي، هن چيو ته انتهائي غريب ۽ پورهيت آھيون اسان سان ظلم ٿيو آهي، اسانکي جوابدارن پاران ڌمڪايو ۽ هيسايو پيو وڃي، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري اسانکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.