رڳو ناانصافي ٿئي ٿي، عدالت نه اينديس: بشريٰ بي بي روئي ڏنو

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي زال بشريٰ بي بي عدالت ۾ بيان ڏيندي روئي ڏنو. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ عمران خان جي 6 ۽ بشريٰ بي بي جي هڪ ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ بشريٰ بي بي عدالت ۾ پيش  ٿي. ٻڌڻي ايڊيشنل سيشن جج محمد افضل ماجوڪا ڪئي. ٻڌڻي دوران بشريٰ بي بي روسٽرم تي اچي چيو ته مان انصاف جي ڪرسي تي ويٺل منصفن جي 9 مهينن کان ناانصافي جو شڪار آهيان، عمران خان ۽ مون کي ناانصافي ڪري سزا ڏني وئي. هن چيو ته اسان جي وڪيلن سميت سڀ وڪيل رڳو وقت ضايع ڪن ٿا، جيڪو اندر ۾ انسان ويٺو آهي ڇا اهو انسان ناهي؟ ڪنهن جج کي نظر نٿو اچي؟ مان هاڻي هن عدالت ۾ نه اينديس ڇو ته هتي رڳو ناانصافيون ٿينديون آهن. ٻڌڻي دوران بشريٰ بي بي روئي ڏنو ۽ چيو ته انصاف ته آهي ئي نه، مان انصاف لاءِ ناهيان آئي، منهنجو ڪمبل ۽ ٻيو سامان گاڏي ۾ آهي جيڪو اوهان چوندا ته مان جيل کڻي وڃڻ لاءِ تيار آهيان. عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي هڪ ڪيس جي حد تائين ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو ۽ 6 ڪيسن ۾ ضمانت جي درخواست تي جيل سپرنٽينڊنٽ کي عمران خان جي وڊيو لنڪ تي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ٻڌڻي 18 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.