پي آءِ اي کي خريد ڪرڻ جون ڳالهيون سراسر غلط آهن: عظميٰ بخاري

لاهور ( بيورو+م ڊ ) پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته صوبائي حڪومت جو پاڪستان انٽرنيشنل  ايئرلائنز (پي آءِ اي) کي خريد ڪرڻ لاءِ ٻولي جي عمل ۾ شامل ٿيڻ جو ڪو به ارادو ناهي.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن واضع طور تي چيو ته پنجاب حڪومت طرفان پي آءِ اي کي خريد ڪرڻ جون ڳالهيون سراسر غلط آهن، قومي ايئر لائن جي موجوده حالت واضح آهي.عظميٰ بخاري چيو ته ايئر لائن خريد ڪرڻ جي تجويز ان وقت سامهون آئي جڏهن اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف پي آءِ اي جي نجڪاري جو اعلان ڪيو پر هن ڪڏهن به اهو نه چيو ته هو قومي ايئر لائين خريد ڪرڻ چاهي ٿو.هن هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو ته پنجاب حڪومت جو پي آءِ اي کي خريد ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي. پنجاب جي اطلاعات واري وزير چيو ته جيڪڏهن صوبن وٽ مالي صلاحيت آهي ته ڪا به حڪومت پنهنجي ايئر لائن شروع ڪري سگهي ٿي.

  1. پي آءِ اي خريد ڪنداسين، ڀلي ڪيتري به ٻولي لڳي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو  آهي ته پي آءِ اي جي قيمت ڪيتري به وڌي وڃي خريد ڪنداسين. پنهنجي هڪ بيان ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير چيو ته اسان جي حڪومت پي آءِ اي کي خريد ڪندي ان کي پي آءِ اي جي نالي سان هلائيندي.سندس چوڻ هو ته ٻلي ٿيلهي مان ٻاهر آئي آهي، شريف خاندان ڀڳڙن مٽ خريد ڪرڻ چاهي ٿي، علي امين گنڊاپور جو چوڻ هو ته هو جيترو به چوندا اوترو ڏيندا پر هنن کي پي آءِ اي خريد ڪرڻ نه ڏينداسين، قوم جي آڏو اچي ويو آهي ته هنن جي نيت ڇا هئي، اهي ماڻهو ڀڳڙن مٽ  پي آءِ اي خريد ڪرڻ چاهين ٿا، هن چيو ته آءِ ايم ايف جي رپورٽ اچي وئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه کانسواءِ ڪنهن به صوبي آءِ ايم ايف جو هدف حاصل نه ڪيو آهي .  واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پي آءِ اي جي خريداري لاءِ واحد ٻولي لڳائيندڙ  رقم وڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

  1. ميئر مرتضيٰ وهاب جي سڌي چونڊ خلاف داخل درخواستون رد

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد شفيع صديقي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب جي سڌي چونڊ خلاف جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم سميت شهرين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران عدالت ۾ ڌرين جي دليلن کانپوءِ درخواستگذارن جي وڪيل جا جوابي دليل ٿيا، عدالت سمورن ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ درخواستون رد ڪري ڇڏيون، چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته توهان جيڪي دليل ڏئي رهيا آهيو ان دليل ۾ ريفرنس ڏئي رهيا آهيو. اهي توهان جي حق ۾ نه پيا وڃن، عدالت چيو ته ميئر جي چونڊ لاءِ پهرين پول ٺاهيا ويا جنهن کانپوءِ چونڊون ڪرايون ويون، چيف جسٽس چيو ته اوهان جا دليل انتهائي فلسفا آهن، اوهان اهي دليل ڏيو جيڪي هن معاملي سان لاڳاپيل هجن، ايم ڪيو ايم جي وڪيل طارق منصور چيو ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ٻه  حصن ۾ ٿيون، اليڪشن ڪرائڻ لاءِ جاري ڪيل نوٽيفڪشن ۾ به ترميم ڪئي وئي، پولنگ جو ڏينهن هڪ سال تائين اڳتي وڌائيندا رهيا، وڪيل دليل ڏيندي چيو ته  عدالت 3 مهينن اندر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، چيف جسٽس چيو ته توهان جنهن اليڪشن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو ان جو ميئر جي اليڪشن سان ڪو به تعلق ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.