ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) سنڌ طرفان ڪالهه سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سنڌو درياهه بچايو تحريڪ ۾ شامل پارٽين جي اڳواڻن اڳوڻي صدرمملڪت ڊاڪٽر عارف علوي، پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سيد زين شاهه، جي ڊي اي جي سردار رحيم، نيشنل پيپلز پارٽي جي مسرور جتوئي، جماعت اسلامي جي اڳواڻ حافظ طاهر مجيد، جميعت علماءِ اسلام (ف) جي قاري محمد عثمان، قومي عوامي تحريڪ جي مظهر راهوجو ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ارسا ترميمي ايڪٽ کي سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي سازش قرار ڏيندي چيو ويو تھ پ پ سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي سازش ۾سهولتڪاري وارو ڪردار ادا ڪري رھي آهي.اجلاس ۾ سنڌ دشمن منصوبي خلاف ٺهراءُ پڻ پاس ڪيو ويو.جنھن ۾ سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي سازش جو ذميوار آصف علي زرداري کي قرار ڏنو ويو، اجلاس ۾ حاصل قانوني حقن تحت عوامي آگاھي ۽ احتجاجي مھم کي جاري رکڻ تي روز ڏنو ويو. سنڌو درياهه بچايو تحريڪ پاران 17 نومبر تي سموري سنڌ ۾تعلقي سطح تي احتجاج جو اعلان ڪيو ويو. اجلاس ۾ھلندڙ سال نومبر مھيني جي آخري هفتي ۽ ڊسمبر جي ٻئي هفتي دوران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آگاهي مارچ جو پڻ اعلان ڪيو ويو.اجلاس ۾ سمورين پارٽين جي اڳواڻن پاران گڏيل راءِ تحت سيد زين شاهه کي سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جو ڪنوينر مقرر ڪيو ويو.