اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيپرا ڪراچي لاءِ بجلي 40 پئسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي.
نيپرا طرفان ڪراچي وارن لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب ڪراچي لاءِ بجلي 40 پئسا في يونٽ مهانگي هوندي، بجلي جي قيمت ۾ واڌ آگسٽ 2024 جي ماهوار ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي.
نوٽيفڪيشن موجب ڪي اليڪٽرڪ طرفان واڌو وصوليون جنوري 2025 ۾ ڪيون وينديون، ڪي اليڪٽرڪ آگسٽ لاءِ 51 پئسا في يونٽ واڌ گهري هئي.
You might also like