اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ايران سرحدي معاملن سميت دهشتگردي جي چئلينجن کي گڏجي منهن ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
اسلام آباد ۾ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته غزا ۾ اسرائيل طرفان عالمي قانونن جون ڀڃڪڙيون ڪيون پيون وڃن، وچ اوڀر ۾ اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪيون ٿا.
هن چيو ته ايراني پرڏيهي وزير سان خطي جي صورتحال تي گفتگو ٿي آهي، اسان عالمي برادري کان غزا ۾ فوري طور جنگبندي جو مطالبو ڪيو آهي، اسرائيلي حملا ايران جي خود مختياري جي سنگين ڀڃڪڙي آهن.
ان موقعي تي ايراني پرڏيهي وزير چيو ته دهشتگردي پاڪستان ۽ ايران ٻنهي لاءِ گڏيل چئلينج آهي، پاڪستان جو فلسطين مسئلي تي واضح موقف آهي، خطي ۾ اسرائيلي جارحيت روڪڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي.
Prev Post
You might also like