اسلام آباد(م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته آرمي ايڪٽ ترميمي بل جي منظوري کانپوءِ آرمي چيف جنرل عاصم منير 2028 تائين آرمي چيف رهندو، هن چيو ته اڳ ۾ ڪيترن ئي آرمي چيفس جي مدي ۾ واڌ ڪئي وئي، جنهن جي سول حڪومتن کي پارليامينٽ مان منظوري وٺڻي پوندي هئي، هاڻي مدي ۾ واڌ جو باب ختم ٿي ويو آهي، آرمي چيف جو مدو پورو ڪرڻ سان مستقبل ۾ به جمهوري حڪومتن کي فائدو ٿيندو.