ڪشمير ۽ فلسطينن جي حالت گهڻو ڪجهه ڪرڻ طرف ڌيان ڏياري ٿي: آرمي چيف

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته بيگناهه ڪشميرين ۽ فلسطينين جي صورتحال ڌيان طلب ڪري ٿي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آرموجب انٽرنيشنل ايسوسيئيشن آف پيس ڪيپنگ ٽريننگ سينٽر جي 28هين سالياني ڪانفرنس پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو سينٽر فار انٽرنيشنل پيس اينڊ اسٽيبلٽي انسٽيٽيوٽ اسلام آباد ۾ ٿيندي.جيڪا گذريل ڏينهن 4 کان 8 نومبر تائين جاري رهندو. تقريب جي شروعات آرمي چيف جنرل عاصم منير پاران سي آءِ پي ايس جي نئين عمارت جي افتتاح سان ڪئي وئي.ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب ۾ انڊر سيڪريٽري جنرل ڊپارٽمينٽ آف پيس آپريشنز جين پيئر لاڪروڪس، گڏيل قومن جي پوليس ايڊوائيزر، وقتي ڊپٽي ملٽري ايڊوائيزر، پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستان ۽ ريڪٽر نيسٽ پڻ موجود هئا. آرمي چيف پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ عالمي امن اڀرندڙ خطرن ۽ چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي. بيگناهه ڪشميرين ۽ فلسطينين جي حالت هڪ واضح ياد ڏياري ٿي ته اقوام متحده ۽ ٻين تنظيمن پاران امن قائم ڪرڻ جي ڪيترن ئي ڪوششن جي باوجود اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين جي معصوم عوام جي مسئلن تي امن لاءِ مسلسل ڪوششن جي ضرورت آهي.آرمي چيف موجوده وقت ۾ عالمي امن کي درپيش چيلينجز ۽ خطرن تي به روشني وڌي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.