جنرل عاصم منير 2027ع تائين آرمي چيف رهندو،سياسي،معاشي استحڪام ايندو؟

اسلام آباد/لاهور(مجيب الرحمان شامي+مزمل سهروردي) آرمي چيف جنرل عاصم منير جي ملازمت مدي ۾ واڌ ٿي وئي آهي،پنجن سالن جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ ڏسبو ته کيس وڌيڪ پنج سالن لاءِ ايڪسٽينشن  ڏني وڃي ٿي يا نه؟ان سان حڪومت جا پير مضبوط ٿي ويندا،پاڪستان ۾ آرمي چيف کي ايڪسٽينشن ڏيو ته مرو ٿا نٿا ڏيو تڏهن به مرو ٿا،هاڻي اهو سلسلو ختم ڪيو ويو آهي،پارليامينٽ مان ايڪٽ منظور ٿي چڪو آهي،ايڪسٽينشن ڏيڻ جي معاملي تي ملڪ ۾ عدم استحڪام اچي وڃي ٿو،عجيب بحث شروع ٿي ويندو آهي،حڪومت سان گڏ هاڻي سروسز چيفس جي ملازمت جو مدو به پنج سال ٿي ويو آهي،پاڪستان جي معاشي ۽ سياسي حالت اهڙي ناهي ته اسان هر ٽن سالن کانپوءِ ايڪسٽينشن جو ايڊونچر ڪريون ۽ ان کانپوءِ ملڪ عدم استحڪام جو شڪار ٿي وڃي،خود فوج اندر به سياست شروع ٿي وڃي ٿي،پاڪستان جي فوج انڊيا،آمريڪا يا برطانوي فوج وانگر ناهي،اسان کي پنهنجي فوج جي تناظر ۾ فيصلا ڪرڻا پوندا آهن،سياسي استحڪام لاءِ آرمي چيف جو مدو 5 سال ڪرڻ ڪا خراب ڳالهه ناهي،جيڪڏهن توهان ٽي سال مدو رکندا ته آرمي چيف کي رهڻو ته 6 سال ئي هوندو آهي،آرمي چيف کي گهر موڪلڻ ۽ ايڪسٽينشن ڏيڻ سان ٻنهي صورتن ۾ جمهوريت جو جنازو نڪري ويندو آهي،جمهوريت وارن کي ان تي اعتراض نه ڪرڻ گهرجي،گهٽ ۾ گهٽ 5 سالن تائين پاليسين جو تسلسل ته رهندو،سياسي ۽ معاشي استحڪام ايندو.

اسلام آباد(مطيع الله جان)ڪجهه سال اڳ پي ٽي آءِ،ن ليگ،پ پ گڏجي جنرل باجوا کي ايڪسٽينشن ڏني هئي بعد ۾ عوام آڏو شرمندگي جو اظهار ڪندا رهيا پر اڄ وري ساڳين پارٽين جنرل عاصم منير جي ملازمت مدي ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي،اهو قانون هر ايندڙ آرمي چيف لاءِ منظور ڪيو ويو آهي، قانون واري وزير اوچتو اهو بل ايوان ۾ پيش ڪري هل هنگامي دوران منظور ڪرائي ورتو،پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبر به ان بل جي مخالفت واري سوال جو جواب نه ڏئي سگهيا،چيئرمين پي ٽي آءِ بئريسٽر گوهر به ان حوالي سان واضح موقف نه ڏئي سگهيو،هن جو موقف هو ته حڪومت اهو بل ايترو جلدي ڇو آندو؟ ان تي ڳالهائڻ ۽ بحث جي اجازت نه ڏني وئي،اسان کي خبر نه هئي ته ڪو بل پاس ٿيو هو،پي ٽي آءِ خاموش نه هئي،اڄ اسيمبلي ۾ موقف ڏينداسين،ڪا به ڊيل نه ٿي رهي آهي، ٻئي پاسي قائم مقام صدر يوسف رضا گيلاني قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظور ڪيل6 بلن تي صحيح ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد(عمران شفقت)وزيراعظم شهبازشريف آرمي چيف جنرل عاصم منير کي ايڪسٽينشن ڏيڻ جو خواهشمند هو کيس مشورو ڏنو ويو ته جنرل عاصم منير اها آفر قبول نه ڪندو توهان سڌو سنئون قانون سازي ڪري ڇڏيو،وزيراعظم کي اها ڳالهه وڻي وئي، هن آرمي چيف کي ان ڳالهه جي سڌ پوڻ به نه ڏني وئي، حڪومت 5سالن جي مدي وارو دانشمنداڻو فيصلو ڪيو آهي،باقي سروسز چيفس سان به انصاف ڪيو ويو آهي، شهبازشريف ايڪسٽينشن نه ڏني هن مدو وڌائي ڇڏيو،ايئر چيف به پنج سال رهندو، نيوي سربراهه به پنج سال رهندو، جنرل عاصم منير هاڻي 2028ع تائين آرمي چيف رهندو، وزيراعظم مارچ 2029 ع ۾ مدو پورو ڪندو ۽ آرمي چيف نومبر 2029ع ۾ رٽائر ٿيندو،اها خبر عمران خان تي بجلي وانگر ڪرندي،هو 2027ع تائين جيل ۾ رهندو؟هن جي مايوسي ۽ چپ رهڻ واري ڪهاڻي به هاڻي عالم آشڪار ٿي چڪي آهي،اها قانون سازي گيم چينجر آهي،اپوزيشن سياسي عمل جو حصو نه بڻجندي ته اهو ئي ٿيندو

اسلام آباد(جاويد چوڌري)ڇا پي ٽي آءِ آرمي چيف  جي ملازمت مدي ۾ واڌ کي تسليم ڪندي؟عليمه خان ۽ بشريٰ بي بي عمران خان جي جيل مان آزاد ٿيڻ واري معاملي تي مايوس ٿي ويون،عمران خان جيل اندر به مڪمل فٽ آهي،سمورن سياستدانن،ججن،جنرلن کي عمران خان جي جسماني مشق واري عادت مان سکڻ گهرجي،72 سالن جي عمر ۾ به هو مڪمل طور تندرست آهي،هن کي ڪنهن دوا جي ضرورت ناهي،عليمه خان جيل ٻاهران اداس لهجي ۾ چيو ته مون کي لڳي ٿو ته ”انهن“ کي عمران خان کي جيل مان ڪڍڻ جو ڪو به ارادو ناهي،اسان جي پارٽي،وڪيل تسليون ڏئي رهيا آهن، مان ان نتيجي تي پهتي آهيان ته عمران خان جيل مان ٻاهر نظر نه پيو اچي،هن چيو ته اسان جا وڪيل صحيح طريقي سان ڪيس نه پيا وڙهن،انهن کي به ڪا دلچسپي ناهي،عمران کي جيل مان ٻاهر ڪڍڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ته وڏي انگ ۾ ماڻهو پرامن طور ٻاهر نڪرن،ٻئي پاسي پي ٽي آءِ پاران زلفي بخاري جي اڳواڻي ۾ لنڊن ۾برطانوي وزيراعظم جي رهائش گاهه ٻاهران عمران خان جي آزادي لاءِ احتجاج ڪيو ويو،جڏهن ته جيستائين پي ٽي آءِ رياست سان معاملا صحيح نٿي ڪري تيستائين عمران خان جي آزادي جو ڪو به امڪان ناهي،ٻئي پاسي اسلام آباد جي عدالت ۾ بشريٰ بي بي روئي پئي،جنهن تي ماحول سوڳوار ٿي ويو،بشريٰ بي بي جو موقف هو ته هتي عدالتن ۾ انصاف نه پيو ملي،اسان ڪوڙا ڪيس ڀوڳي رهيا آهن، اسان جي وڪيلن کي عمران خان جا ڪيس صحيح نموني وڙهڻ نٿا اچن،عدالتن کي اهو نظر نٿو اچي ته هڪ بيگناهه شخص جيل ۾ پيو آهي،بشريٰ بي بي کي اندازو ٿي ويو آهي ته وڪيل عدالتن ۾ وقت ضايع ڪري رهيا آهن،هوءَ عدليه مان به مايوس ٿي وئي آهي،پنجاب جو ڪمال اهو آهي ته ان اڄ تائين ڪنهن جو ساٿ ناهي ڏنو،عمران خان جڏهن آزاد ٿي ٻاهر آيو ۽ پنجاب کي يقين ٿي ويو ته هو وزيراعظم ٿيندو ته پوءِ ڏسجو ته ڪيئن پنجاب عمران خان جي پويان ڊوڙي ٿو،هن وقت اسٽيبلشمينٽ عمران خان جي حمايت بند ڪري ڇڏي آهي،عمران خان جي اها غلط فهمي آهي ته پنجاب تبديل ٿي چڪو آهي ۽ جيل ۾ ويٺل هڪ شخص لاءِ ٻاهر نڪرندو،پنجابين جو ڊي اين اي تبديل ناهي ٿيو،ٻئي پاسي حڪومت آرمي چيف سميت هٿياربند فوجن جي سربراهن جي مدي ۾ واڌ جو بل منظور ڪري ورتو آهي،لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ ان قانون کي خاموشي سان قبول ڪري وٺندي،جيڪڏهن ان ائين ڪيو ته پوءِ عمران خان لاءِ اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل ڪرڻ آسان ٿي ويندي،جيڪڏهن پي ٽي آءِ احتجاج ۽ گوڙ ڪيو ته معاملو ڊيڊلاڪ وڌيڪ سنگين ٿي ويندو،ماضي ۾ ڏسجي ته جنرل باجوا جي ايڪسٽينشن تي پ پ ۽ ن ليگ پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏنو جنهن بعد ن ليگ جا اسٽيبلشمينٽ سان معاملا سڌا ٿي ويا ۽ نوازشريف خلاف سختيون ختم ٿي ويون هيون،اڄ ن ليگ اقتدار ۾ آهي،عمران خان لاءِ به سٺو موقعو آهي،اهي دروازا جيڪي هڪ مدي کان هن لاءِ بند پيل آهن اهي ٻيهر کلي سگهن ٿا،ٻئي پاسي حڪومت کي لڳي ٿو ته ان جون چيف جسٽس يحيٰ آفريدي مان لڳايل اميدون پوريون نه پيون ٿين ان ڪري سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ وڌائڻ جو بل منظور ڪرايو ويو آهي،34 جج ٿيڻ سان حڪومت جو پلڙو ڳرو ٿي ويندو،پ پ ۽ ن ليگ جا حمايت جج اعليٰ عدليه مان ايندا ته پي ٽي آءِ ڏانهن جهڪاءُ رکندڙ ججن جو انگ گهٽجي ويندو،حڪومت جا جج وڌڻ سان حڪمران اتحاد کي فائدو ٿيندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.