سنڌ ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي (اربع) ڏينهن صبح 10 وڳي گھرايو ويو، ڪابينا اجلاس ۾ غير قانوني قبضي ڪندڙن کان سرڪاري گاڏيون واپس ڪرائڻ ۽ سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ڪائونسل جي قيام جي پاليسي جي منظوري ڏني ويندي.اجلاس ۾ پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ ۽ سنڌ بورڊ آف روينيو وچ ۾ صوبي ۾ اي اسٽيمپنگ جي مدي ۾ 6 مهينن جي توسيع جي به منظوري ڏني ويندي.

  1. ايراني پرڏيهي وزير ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) ايراني پرڏيهي وزير ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو، هو وزيراعظم شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان ملاقات ڪندو.پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايران جو پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهتو آهي. ترجمان چيو ته ايراني پرڏيهي وزير پنهنجي پاڪستاني هم منصب ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان به ملاقات ڪندو.ملاقات دوران وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، جڏهن ته پاڪستان ۽ ايران ٻطرفن لاڳاپن تي صلاح مشورا ڪندا. ان کان علاوه ايراني پرڏيهي وزير جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، توانائي ۽ سيڪيورٽي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جو موقعو فراهم ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.