ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ فاطمه ڦرڙو جو ڪيس واپس اي ٽي سي موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران فاطمه ڦرڙو جي امڙ عدالت ۾ بيان ڏنو ته ڊڄاري ڌمڪائي حلف نامي تي صحيحون ڪرايون ويون آهن، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته خيرپور جي سيشن جج منور سلطانه پاران فاطمه ڦرڙو جي ڪيس جو ريفرنس سنڌ هاءِ ڪورٽ موڪليو ويو هو، ڪيل وڌيڪ چيو ته خير پور جي سيشن جج اي ٽي سي جي فيصلي تي مطمئن نه ٿيندي ريفرنس هاءِڪورٽ موڪليو هو. ٻڌڻي دوران فاطمه ڦرڙو جو پيءُ چيو ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي سان مطمئن آهيون، اسان جو مطالبو آهي ته اسان کي انصاف ملي، ڌمڪيون به ملي رهيون آهن پرجهڪڻ وارا ناهيون، انصاف لاءِ هر پليٽ فارم تي وينداسين.